مني لانڊرنگ ڪيس: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر اڄ ٻيهر ايف آءِ اي وٽ طلب

اسلام آباد(بيورو) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صد آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايف آءِ اي جي نوٽيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 4 آگسٽ تي ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي شخصيتن کي جي آءِ ٽي سامهون بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں