برمنگهم ٽيسٽ: انگلينڊ طرفان ڀارت کي 194 رنسن جو هدف، ڪوهلي اليون جي يقيني فتح

0Shares

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ٽئين ڏينهن 9 رنسن تي هڪ آئوٽ تان پنهنجي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته 18 رنسن تي سندن ٻيو نقصان جيننگ جي صورت ۾ ٿيو جيڪو 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، 39 رنسن تي انگلينڊ کي ٽيون نقصان ڪپتان جو روٽ جي صورت ۾ پهتو جيڪو 14 رنسون ٺاهي پويلين واپس ٿيو، 70 رنسن تي انگلش ٽيم جو چوٿون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ڊي جئي ملان هو جيڪو 20 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، 85 رنسن تي انگلينڊ جي پنجين وڪيٽ ڪري، بيرسٽو 28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، 86 رنسن تي ڇهون رانديگر آئوٽ ٿيندڙ اسٽوڪس هو جنهن 6 رنسون ٺاهيون، 87 رنسن تي انگلينڊ ستين وڪيٽ بٽلر جي صورت ۾ وڃائي جيڪو هڪ رنس ٺاهي سگهيو. 135 رنسن تي اٺون رانديگر آئوٽ ٿيندڙ عادل رشيد هو جيڪو 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. 176 تي نائين وڪيٽ ڪري، براڊ 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، انگلينڊ جو ڏهون رانديگر 180 رنسن تي آئوٽ ٿيو، سيم ڪيورن 63 رنسون ٺاهي سڀ کان اڳڀرو رهيو. ڀارت طرفان اشانت شرما 5، ايشون 3 ۽ يادو 2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. اهڙي طرح انگلينڊ ڀارت کي 194 رنسن جو هدف ڏنو. ڀارت پنهنجي ٻي اننگ شروع ڪئي ته ڏکيائين جو شڪار رهي. ڀارت جي مجموع 19 رنسن تي مرلي وجئي 6 رنسون ٺاهي براڊ جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، ڀارت کي 22 رنسن تي ٻيو جهٽڪو ڌون جي آئوٽ ٿيڻ سان لڳو جيڪو 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، ڀارت 46 رنسن تي ٽئين وڪيٽ راهول جي صورت ۾ وڃائي جيڪو 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، 63 رنسن تي چوٿون جهٽڪو رهاني جي صورت ۾ لڳو جيڪو 2 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، ڀارت جي پنجين وڪيٽ 78 رنسن تي ڪري جڏهن ايشون 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ وڪيٽ ڪيپر ڪارٿڪ ڪريز تي ڄمي ويا، ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت 5 وڪيٽون وڃائي 110 رنسون ٺاهي ورتيون، فتح لاءِ 84 رنسون گهربل، ڪوهلي 43 ۽ ڪارٿڪ 18 رنسن ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں