طلال چوڌري توهين عدالت ڪيس ۾ ڏوهي قرار، 5 سالن لاءِ نااهل، هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري کي توهين عدالت ڪيس ۾ 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيندي کيس هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته عدالتي ڪارروائي ختم ٿيڻ تائين طلال چوڌري کي عدالتي ڪمر ۾ ئي رهڻ جي سزا ٻڌائي وئي، طلال چوڌري چيو آهي ته سندس نااهلي جو فيصلو ووٽ کي عزت ڏيو جي نعري ۽ نواز شريف جي وفاداري جي نانءُ ڪيو آهي. جسٽس گلزار احمد تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو 11 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت، نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري کي ڏوهي قرار ڏيندي کيس 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ، توهين عدالت ڪيس ۾ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري کي هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ عدالتي ڪارروائي ختم ٿيڻ تائين کيس عدالت ۾ ئي رهڻ جي سزا ڏني وئي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته طلال چوڌري نااهلي کانپوءِ 5 سالن تائين ڪنهن به عوامي عهدي  تي نٿو رهي سگهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ نواز ليگ اڳواڻ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو 11 جولاءِ تي محفوظ ڪيو هو. هوڏانهن طلال چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي عدالتي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته نواز ليگ پنهنجي حڪومتي دور ۾ ملڪي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، جنهن جي کين سزا ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته هو اهڙو ڪوبه قدم نه کڻندا، جنهن سان ادارن جي ساک متاثر ٿئي، ڪالهه به عدليه جو احترام هو، اڄ به معزز ججز جي عزت ڪري ٿو. طلال چوڌري چيو ته هو تاريخ جي ساڄي پاسي بيٺل آهي، کيس ڀلي نااهل قرار ڏنو ويو آهي، پر هو اڄ به جمهوريت ۽ نواز شريف جو وفادار آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں