اپوزيشن پارٽيون حلف کڻڻ تي متفق، پارليامينٽ ۾ احتجاج جو فيصلو، وزارت عظميٰ لاءِ ن ليگ ۽ اسپيڪر لاءِ پ پ جو اميدوار آڻڻ جو اعلان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) هم خيال پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس ( اي پي سي) ۾ وزارت عظميٰ جي لاءِ اميدوار مسلم ليگ نواز، اسپيڪر لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ڊپٽي اسپيڪر متحده مجلس عمل مان آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ\ اڳواڻ شيري رحمان اليڪشن کي ڌانڌلي سٽيل قرار ڏيندي چيو ته ايوان جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو ويندو، مضبوط مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته اڄ جمهوري قوتن جيو ٽيون اهم اجلاس هو جنهن ۾ ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سموريون پارٽيون ايوان ۾ وينديون. پ پ اڳواڻ چيو ته ان اتحاد جا ٽي او آر طئي ڪيا ويندا ۽ انهن ئي ٽي او آرز جي تحت اڳتي وڌنداسين. وزير اعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي لاءِ نالن جو اعلان لاڳاپيل پارٽيون ڪنديون. عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين چيو ته اسان مخالف ڌر طور مقابلو نه ڪنداسين پر اسان حڪومت بڻائڻ جي پوزيشن ۾ آهيون. هن چيو ته دٻاءَ جي ڪري هواڏنهن ويندڙ هيڏي به اچي سگهن ٿا. ايم ايم جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت آئين ۽ قانون جي تحت چونڊ نه ڪرائي سگهي، هارجي ويلن کي خبر ناهي ته هو ڇو هارايا آهن. ان موقعي تي ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته پهريون ڀيرو اليڪشن کان پوءِ گهڻين پارٽين نتيجن کي رد ڪيو، ڪٺ پتلي ڳٺ جوڙ کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته هم خيال پارٽين سمورن حل طلب معاملن تي اتفاق راءِ ڪري ورتو آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته سمورين جمهوري پارٽين جي وچ ۾ اتحاد ٿي ويو آهي، طئي ٿي ويو آهي ته سموريون پارٽيون پارليامينٽ ۾ وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ٻڌائينداسين ته حقيقي مخالف ڌر ڇا هوندي آهي جڏهن ته اجلاس ۾ شهباز شريف کي وزير اعظم ۽ خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نامزد ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. گڏيل مخالف ڌر جي اها اهم ويهڪ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي گهر تي ٿي جنهن ۾ مسلم  ليگ ن، پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده مجلس عمل ۽ ٻين اتحادي پارٽين جا ميمبر شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، شيري رحمان، قمر الزمان ڪائره ۽ فرحت الله بابر شامل آهن جڏهن ته شهباز شريف  ۽ نيشنل پارٽي جو حاصل بزنجو به اي پي سي ۾ شريڪ هو. ان کان سواءِ مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، لياقت بلوچ، محمود اچڪزئي ۽ اسفنديار ولي سميت ٻيا اڳواڻ به اي پي سي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ اي پي سي ۾ مخالف ڌر پارٽين قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ته مخالف ڌر پارٽين جو چُوڻ هو ته عمران خان کي ايتري آرام سان وزير اعظم بڻجڻ نه ڏينداسين. شيري رحمان چيو ته وزيراعظم لاءِ اميدوار ن ليگ ۽ اسپيڪر  لاءِ پ پ جو هوندو، ڊپٽي اسپيڪر لاءِ  ايم ايم اي جو اميدوار هوندو. ايوان ۾ احتجاج جي حڪمت عملي لاءِ 16 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں