عائمه بيگ ڀارت ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي

0Shares

ڪراچي(شوبز نيوز) آئمه بيگ ٿوري عرصي ۾ پنهنجي سُريلي آواز ذريعي پاڪستان کي ته پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي پر هاڻ سندس جادو ڀارت ۾ هلڻ وارو آهي. آئمه بيگ تمام جلد ڀارتي راڳي ميڪا سنگهه سان گڏ پنهنجو گيت ريليز ڪري رهي آهي. جيڪو ڪنهن ڀارتي راڳي سان سندس پهريون گيت هوندو. ويجهڙائي ۾ ئي آئمه بيگ بي بي سي ايشيئن نيٽورڪ کي انٽرويو ڏيندي تصديق ڪئي آهي ته هو ميڪا سنگهه سان گڏ نئين پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ هو تمام گهڻي پُرجوش آهي. هن ٻڌايو ته هوءَ ان حوالي سان ڪجهه گهٻرايل آهي ڇو ته ان کان اڳ اهڙو ڪو به تجربو ناهي ڪيو. آئمه بيگ ٻڌايو ته اهو گيت رڳو آڊيو نه هوندو پر ان جي ويڊيو به لانچ ڪئي ويندي. آئمه بيگ کان انٽرويو دوران پڇو ويو ته هو باليووڊ لاءِ ڳائڻ چاهيندي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ ڳائڻي طور سندس ڪا به سرحد ناهي جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجو آواز سٺو لڳي ٿو ۽ هو چاهن ٿا ته مان سندن لاءِ گيت ڳايان ته مونکي ڪو به اعتراض ناهي. واضح رهي ته آئمه بيگ گذريل هفتي آمريڪي رياست ٽيڪاس جي شهر ڊيلاس ۾ ڀارتي راڳي ميڪا سنگهه سان ملاقات ڪئي هئي جنهن جي تصوير ڳائڻي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پڻ شيئر ڪئي هئي پر هن پنهنجي پروجيڪٽ جي حوالي سان ڪجهه  به نه ٻڌايو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں