ڏکڻ آفريڪا ٻي ون ڊي مئچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن مئچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي

دهيولا(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ٻي ون ڊي مئچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن مئچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي. سريلنڪا جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، سريلنڪا مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون. ڪپتان ميٿيوز 79 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. ڊڪويلا 69 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. لنگي نگڊي ۽ فهلوڪوايو 3-3 رانديگرن کي پويلين موڪليو، ربادا ۽ ولن 1-1 شڪار ڪيو. جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 42.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو. ڊيڪاڪ 87، ڪپتان ڊپليسز 49 ۽ هاشم آملا 43 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڌننجي 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو، لڪمل، راجيٿا ۽ پريرا 1-1 شڪار ڪيو. ڊيڪاڪ کي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں