نيب يوسف رضا گيلاني، اويس مظفر ٽپي، منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين خلاف ڪرپشن جي جاچ ۽ ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اويس مظفر ٽپي ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿيو اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته نيب ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ چاهي ٿو ته سمورينشڪايتن جي پڙتال، انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشن مبينه الزامن جي بنياد تي شروع ڪيون ويون آهن جيڪي حتمي ناهن نيب سمورن لاڳاپيل ماڻهن کان به قانون موجب سندن موقف معلوم ڪندو ته جيئن قانون مطابق ڪارروائي ڪري سگهجي نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران ڪيل فيصلن جي تفصيل موجب نيب جي بورڊ اجلاس اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، فاروق اعواڻ، اڳوڻو سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت محمد سليم اڳوڻو پي آءِ او، سيد حسن شيخ اڳوڻو ڪمپني سيڪريٽري يونيورسل سروس فنڊ انعام اڪبر سي اي او ميسرز مڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ ٻين انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي آفيسرن/اهلڪارن جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني جوابدارن تي مبينه طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غير قانوني طور ميسرز مڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ کي پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪندي اشتهاري مهم ڏيڻ جو ٺيڪي جو الزام آهي نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس اويس مظفر ٽپي اڳوڻي سنڌ جي لوڪل گورنمنيٽ جي وزير راجا محمد عباس اڳوڻو چيف سيڪريٽري سنڌ غلام مصطفيٰ ڦل اڳوڻو سيڪريتڙي لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ غلام عباس سومرو اڳوڻو سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ ۽ ٻين جي خلاف چئن مختلف انويسٽگيشنز جي منظوري ڏني ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي آفيسر/اهلڪارن نيسپاڪ جي انتظاميه ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس خيبرپختوخنواهه آئرليڊ گئس ڪمپني لميٽيڊ جي آفيسر اهلڪارن ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني بورڊ اجلاس فيڊرل اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڪراچي جي وائيس چانسلر ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ثاقب احمد سومرو ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن سنڌ ۽ گلشن عريشا ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي انتظاميه ۽ ٻين جي خلاف انويسٽيگيشن جي منظوري ڏني بورڊ ميسرز پاڪ ڪام جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سلطان العارفين، جاويد فراز، چيف ايگزيڪيوٽو ميسر پاڪ ڪام ۽ ٻين جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني بورڊ اجلاس اڳوڻي ڊپٽي آڊيتر جنرل سنڌ مظهرعلي سهتو ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. اجلاس ڊي جي مانيٽرنگ آڊيٽرز اڪائونٽس اينڊ ايگريڪلچر سپلاءِ امداد ميمڻ ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. بورڊ اجلاس ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جي آفيسرن/اهلڪارن ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني ايگزيڪيوٽو ورڊ اجلاس بشير دائود، مريم دائود ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. اجلاس ميٽروپوليٽين ڪارپوريسن ڪوئيتا ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ڊائريڪٽر فنانس فضل شيخ ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ڊاڪٽر مبارڪ علي پرنسپل شيخ زاهد ميڊيڪل ڪاليج رحيم يارخان ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني ايگزٽ بورڊ اجلاس نيشنل رولر سپورٽ پروگرام جي چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر راشده باجوا جنرل مئنيجر آپريشنز ڊيرا غازي خان آغا علي جواد جنرل مئنيجر ۽ ٻين جي خلاف منظوري ايگزٽ بورڊ اجلاس اڳوڻي وفاقي وزير حافظ عبدالڪريم، عثمان عبدالڪريم ايس عبدالڪريم ڊاڪٽر نجيب حيدر ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. بورڊ اجلاس وزارت هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ ٻين جي خلاف انڪوائري ۽ زرعي يوينورسٽي فيصل آباد جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اقرا احمد خان ۽ ٻين خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جي منظوري ڏني.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں