اليڪشن ڪميشن کي بنا دير معطل ڪري سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن: جي ڊي اي

ڪراچي (چيف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي )سپريم ڪورٽ سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرپٽ ماڻهو آصف زرداري خلاف ڪاروائي نه ٿي ته اها ملڪ ۽  سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش هوندي ,چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ م ٿيل بدترين ڌاندلي جو پاڻمرادو  نوٽيس وٺي سنڌ م ٻيهر عام چونڊون ڪرائي ,صوبي م صاف شفاف چونڊون ٿين ته پيپلز پارٽي اڪثريت سان هارائيندي ,اليڪشن ڪميشن پنهنجي ناڪامي کي تسليم ڪرڻ بجاء سياسي جماعتن وانگر بيان بازي ڪري رهي آهي اليڪشن ڪميشن کي بنا دير معطل ڪيو وڃي ,پولنگن اندر لڳل ڳجهن ڪيمرائن جو رڪارڊ بنا دير قبضي ۾ ورتو وڃي ,اهڙو مطالبو جي ڊي اي جي اڳواڻن ڊاڪٽر فهميده مرزا,سيد غوث علي شاه ,ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا, سردار عبدالرحيم، ڪشنچند پارواڻي ,ارباب انور,حسنين مرزا,نعيم الرحمان ڪراچي پريس ڪلب م گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي  اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته چونڊن ۾ ٽي ادارا تڪراري هئا جنهن م ميڊيا به شامل آهي ,اساب جا رڪارڊ جلسا ٿيا پر نتيجا تبديل ڪيا ويا ادارن کي استعمال ڪيو ويو پر عوام اسان سان گڏ آهي ,منهنجا ۽  اسان جي حامين جا ووٽ ٻاهر اڇلائي انهن کي باه ڏئي ساڙيو ويو ,اليڪشن ڪميشن ان ڌانڌلي ۾ مڪمل طور ڀاڳي ڀائيوار آهي منهنجي سامهون چانڊيو اميدوار هو آرو ڊي آر او ۽  پرزائينڊنگ آفيسر به چانڊيا مقرر ڪيا ويا ء سڄي ضلعي م ائين ڪيو ويو اليڪشن ڪميشن کي بار بار شڪايتون ڪيون ويون پر اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميداري پوري نه ڪئي ء اها سياسي جماعت وانگر بيان ڏئي رهي آهي ,هن چيو تهجهموريت جو مقصد شخصيتون نه پر ادارا مظبوط هجڻ گهرجن ,اليڪشن ريفارمز تي ڪاب توجه نه ڏني وئي ڪنهن هڪ تي به عمل نه ٿيو اگر عمل ٿيو ته اهو به مخالفن لاءِ اسان کي چونڊ مهم هلائڻ نه ڏني وئي,منهنجو خاندان ء جي ڊي اي به ٽارگيٽ تي هئي, فارم ڀرڻ سميت سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود هئو پر آروز انهن فيصلن کي نظرانداز ڪري مخالفن جي مڪمل ونگار وهندو رهيو ,هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اربين رپين جي خرچ ڪرڻ باوجود مڪمل طور ناڪاره ادارو بڻجي چڪو آهي ,هن چيو ته پولنگن اندر پرائيويٽ عملو مقرر ڪري ووٽ ورتا ويا پولنگن اندر مخالف اميدوارن جا ڪيترائي مرد ء عورتون پولنگ اندر پردي پٽيان ووٽ ڪاسٽ ڪندا رهيا ء اسان جي ايجنٽن کي تشدد ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو ء ايجنٽن ٻدايو ته ڊٻن  ۾  پهرئين ئي ووٽ موجود هئا فارم پنجيتاليه جون به جعلي ڪاپيون ٺاهيون ويون جن م هڪ نه مونکي 225 ووٽ ء ٻئي ۾ زيرو ووٽ ساڳئي پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح سان مليا آهن ٻيهر ڳڻپ دوران اسان جي باڪسن جون سيلون ئي ٽٽل هيون منهنجا هڪ سئو ووٽ مخالف اميدوار کي ڏنا ويا اسان جي مخالفن کي خرچن جي به پابندي نه هئي اليڪشن سنڌ جي عوام سان وڏو مذاق ء لطيفو هو,فهميده مرزا ڇيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي رڪارڊ جي جانچ ڪرائي ٻيهر صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ,ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاه چيو تهاسان سنڌ م ٿيل چونڊن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا جڏهن به ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ٿيون آهن پيپلز پارٽي اڪثريت سان هارايو آهي ذوالفقار علي ڀٽو ء محترمه بينظير ڀٽو جي شهادتن کانپوء به هنن کي ايترا ووٽ نه مليا جيترا هاڻي هنن کي مليا آهن ,هن چيو ته عمران خان مان اميدون آهن تهجيڪو بچيل پاڪستان آهي ان کي بهتر ڪندو ,پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته زرداري فر مار مان جيڪو پئسو ڪمايو ان مان ڪجه پئسا اليڪشن تي خرچ ڪيا ويا اسان وٽ ٻه وائيسراء موڪليا ويا هڪ گلو جکراڻي ء ٻيو غلام قادر مري جيڪو کوسڪي شگر مل م ويهي مڻهن نهٽريڪٽر ٽراليون ورهايون ء مهم دويان اربين رپين سان بريل تيلها کڻي مهم هلائي وئي هن چيو ته مان زرداري کي ٻيهر چئلينج ڪيان ٿو ته هن سان ڀرپور مقابلو جاري رهندو هن چيو ته ملڪ جي سب کان وڏي ڪرپٽ ماڻهون کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اهيو ملڪ ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش هوندو، ان موقعي تي ڪشنچند پارواڻي چيو ته منهنجي تڪ م شازيه مري کي کٽرائڻ لاء سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويا منهنجا ووٽ ساڙيا ويا آهن  جنهن جي ايف آءِ آر م شازيه مري جي پي اي جو به نالو شامل آهي پر هيل تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي آهي اڃان تائين فورٽي فائيو فارم نه مليو آهي ان موقعي تي جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو ته اليڪشن ڪميشن جو سيڪريٽري پنهنجي ناڪامي تسليم ڪرڻ بجاءِ  سياسي پارٽين وانگر بيان ڏئي پيو ان ڪري جي ڊي اي مطالبو ڪري ٿي ته اليڪشن ڪمشنر ، سيڪريٽري ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي فوري طور هٽايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں