مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي پاران آصف ۽ فريال کي ٻيهر نوٽيس، 4 آگسٽ تي طلب

اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي بي نالي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 ڄڻن خلاف جاچ ڪري رهي آهي، جن ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهن. ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خانگي بئنڪ جي اڳوڻي صدر حسين لوائي کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي چونڊن کان اڳ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جاچ آفيسر اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا هئا پر ٻنهي شخصيتن جي قانوني ٽيم پيش ٿي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ان ئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي هئي ته ٻنهي شخصيتن کي چونڊن تائين نه گهرايو وڃي. ايف آءِ اي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هن ڀيري گڏيل جاچ ٽيم اڳيان پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، کين 4 آگسٽ تي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي کي جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.  ذريعن موجب ايف آءِ اي ان حوالي سان وڌيڪ رڪارڊ هٿ ڪري ورتو آهي. اڪائونٽن جو مدو 6 کان 8 مهينا رکيو ويو. جنهن دوران رقم جي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي. جعلي اڪائونٽن ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪروڙن رپين جي ٽرانزيڪشن ٿيندي رهي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں