چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊ نتيجن ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، وضاحت طلب

اسلام آباد(بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي نتيجن واري نظام آر ٽي ايس جي ناڪام ٿيڻ سبب نتيجن ۾ دير ٿي ۽ پهريون سرڪاري نتيجو صبح 4 وڳي جاري ڪيوويو، جڏهن ته نتيجن جي اچڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻن عام چونڊن ۾ دير ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر سميت ٻين ميمبرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. نجي ٽي وي مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا عام چونڊن جي نتيجن ۾ دير ٿيڻ جو نوٽيس ورتو ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنرن سميت ڊي آر اوز کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن قانون مطابق رات 2 وڳي تائين نتيجا تيار ڪرڻا هئا، جنهن ۾ دير ڇو ڪئي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں