تحريڪ انصاف نمبر گيم لاءِ سرگرم، ق ليگ سان فارمولو طئي ٿي ويو، ايم ڪيو ايم پاران حمايت جو اعلان

0Shares

اسلام آباد/لاهور (بيورو) وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ بني گالا ۾ عمران خان جي صدارت هيٺٻئي ڏينهن به اجلاس جاري رهيو وڌيڪ 8 آزاد ميمبر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا، پي ٽي آءِ ۾شامل ٿيندڙ آزاد اميدوارن ۾ عاصم نذير امجد کوسا  محسن عطا کوسا تيمور لالي تيمور خان عالمدار قريشي خرم خان لغاري ۽ مهر اسلم پروانه شامل آهن، پنجاب مان 23 آزاد ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي چڪا آهن پنجاب م پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 154 ٿي ويو آهي بني گالا ۾ اجلاس ۾ بلوچستان ۾ وڏ وزارت لاءِ ڄام ڪمال جي نالي جو اعلان ڪيو ويو تحريڪ انصاف پاران پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ ياسر همايون ۽ميان اسلم جا نالا نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي شاهه محمود قريشي جونالو به اڃا تائين فائنل نه ٿي سگهيو آهي ياسمين راشد محمود رشيد سبطين خان بشارت ميان ۽ مخدوم هاشم وزيرن جي ڊوذ ۾ شامل آهن اجلاس ۾ ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهي ڏيکارينداسين ڏکڻ پنجاب کي آئيني طريقي سان صوبو ٺاهيو ويندو وفاق ۽ پنجاب ۾ پوزيشن مضبوط آهي ٻئي طرف ايم ڪيو ايم به وفاق ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت ڪري ڇڏي فيصل سبزواري چيو ته عمران خان کي ووٽ ڏينداسين ٻئي طرف تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ فارمولا طئي ٿي ويو خانگي ٽي وي موجب حڪومت سازي لاءِ ٻنهي جماعتن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي موجب چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيندو ۽ هو اڳواٽ ئي پنجاب اسيمبلي ۾ خدمتون نڀائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو هو ذريعن موجب تحريڪ انصاف مسلم ليگ (ق) کي وفاق ۽ پنجاب ۾ 2-2 وزارتون به ڏيندي ۽ وزارتن جو فيصلو اسپيڪر جي چونڊ کان پوءِ ڪيو ويندو ياد رهي ته مسلم ليگ (ق) جون قومي اسيمبلي ۾ 4 ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ 7 سيٽون آهن ۽ چونڊن دوران پي ٽي آءِ اتحادي جماعت هئي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به جماعت کي 137 ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ 149 ميمبرن جي ضرورت آهي هن وقت تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ 116 ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ 123 ميمبرن جو انگ آهي. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي وفاق ۾ 64 ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ 129 ميمبر آهن ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں