تحريڪ انصاف پرويز الاهي کي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير لاءِ عاطف خان جو نالو فائنل

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف پاران وفاق ۾ پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي، پرويز الاهي کي پنجاب جو اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو پي اي پي به پي ٽي آءِ جي حمايت ڪري ڇڏي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف جو بني گالا ۾ اجلاس جاري ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چئني صوبن ۽ پارٽي جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪئي، جڏهن ته عمران خان ايندڙ ٻن ڏينهن لاءِ مبارڪ ڏيڻ لاءِ ايندڙ مهمانن سان ملاقات به ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عمران خان لاهور ۾ مصروف بابر اعواڻ کي به فون ڪري فوري طور بني گالا گهرائي ورتو جنهن سان حڪومت ٺاهڻ بابت اهم معاملن تي مشورو ڪيو ويو. بني گالا ۾ ٿيندڙ  اجلاس ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ کانسواءِ ڪي پي ۾ اڪٿريت باوجود وڏ وزارت جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير جي نالي تي افواهن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪي پي ۽ پنجاب ۾ وڏي وزير لاءِ ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط اسپيڪر آڻڻ لاءِ چوڌري پرويز الاهي جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ سادي اڪثريت جي دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سميت ٻين عهدن لاءِ مشورن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط ۽ تجربيڪار شخصيت کي اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ق اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي جو نالو سامهون آيو آهي.  ذريعن موجب تحريڪ انصاف پنجاب ۾ مضبوط ۽ تجربيڪار شخصيت کي اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف قيادت پرويز الاهي کي اسپيڪر بڻائڻ جي حمايت ڪئي آهي هاڻي ليگي اڳواڻ جي راضپي سان کيس اسپيڪر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ عاطف خان جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ پرويز خٽڪ ۽ عاطف خان وچ ۾ مقابلو هو، جڏهن ته عمران خان ڪي پي اسيمبلي جي قائد ايوان لاءِ عاطف خان جو نالو فائنل ڪيو آهي. واضح رهي ته خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي پر هو قومي اسيمبلي بدران ڪي پي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جو عهدو سنڀالڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف ) بلوچستان عوامي پارٽي وفاق ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ بلوچستان لاءِ وڏي وزير جي اميدوار ڄام ڪمال کي ووٽ ڏيندي. اسلام آباد ۾ بي اي پي سربراهه ڄام ڪمال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان گڏ ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وفاق ۾ غير مشروط حمايت ڪنداسين، بي اي پي بلوچستان ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ وفاق ۾ جنهن پارٽي سان گڏجي هلي سگهي ٿي، اها پي ٽي آءِ آهي. تحريڪ انصاف ۽ بي اي پي جي نظرئي ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون گڏيل آهن، اسان بلوچستان جي ترقي لاءِ پي ٽي آءِ سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته بي اي پي طرفان حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورائتا آهيون، پي ٽي آءِ بلوچستان ۾ بي اي پي سان گڏجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته بي اي پي کي اڪثريت حاصل ٿي آهي، تنهن ڪري اها وڏ وزارت جي حقدار آهي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ اتحادين کي گڏ ملائڻ جي باوجود کيس وڌيڪ 6 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي جنهن جي لاءِ ملاقاتن ۽ رابطن جو سلسلو جاري آهي. قومي اسيمبلي جو ايوان 342 اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 272 جنرل سيٽون ، 60 عورتن جون خاص سيٽون ۽ اقليتن جون 10 سيٽون شامل آهن پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪل جنرل سيٽنن 272 جي حساب سان سادي اڪثريت جيڪا 137 ٺهي ٿي. عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ لاءِ هن وقت وڏو چيلينج جنرل سيٽن تي چونڊيل 137 ميمبرن جي سادي اڪثريت حاصل ڪرڻي آهي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين 5 سيٽن تي ڪامياب ٿيو هاڻ ان کي 4 سيٽون خالي ڪرڻيون پونديون. تحريڪ انصاف جي طاهر صادق ۽ غلام سرور خان به قومي اسيمبلي جي ٻن ٻن سيٽن تان ڪامياب ٿيو، کيس به هڪ هڪ سيٽ ڇڏڻي پوندي. خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان کٽيو، ڪيڏهن هن صوبائي سيٽ رکي ته قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻي پوندي ايئن تحريڪ انصاف وٽ 108 عدد رهجي ويندو.5

اپنا تبصرہ بھیجیں