ڪراچي (چيف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) اليڪشن 2018ع جي نتيجن کي رد ڪندي سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اڳواڻن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ 3 نقاطي جدوجهد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته پوءِ جدوجهد جو دائرو وڌايو ويندو. جي ڊي اي سميت متحده مجلس عمل، ايس يو پي ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين ۽ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ پارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس ڪنگري هائوس تي پير صاحب پاڳارو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پير صاحب پاڳاري چيو ته هيءَ هڪ فراڊ اليڪشن هئي جنهن جي نتيجن کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا. عوام کي بيوقوف بڻايو ويو آهي. پهريان کان ئي ڳٺ جوڙ ٿيل هو. جنهن جو اسان کي به علم هو، اسان شڪايت به ڪئي پر اسان جي شڪايت تي ڌيان نه ڏنو ويو. پير پاڳاري چيو ته سڄي سنڌ ۾ عوام پ پ اميدوارن کي بي عزت ڪيو ۽ اسان جي مٿان اعتماد ڪندي وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنا پر شام جو ڇهين وڳي کانپوءِ جعلي ووٽ شامل ڪري نتيجا تبديل ڪيا ويا. اهڙي نتيجن کي اسين نه ٿا مڃون. پير پاڳاري چيو ته ماڻهن پي ٽي آءِ مٿان اعتماد ڪيو آهي. اسان کي به پي ٽي آءِ مان اميدون آهن. جيڪي واعدا عمران خان قوم سان ڪيا آهن جيڪڏهن ان مان اڌ به پورا ڪيائين ته اها به هنن جي ڪاميابي هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پير صاحب پاڳاري چيو ته جهيڙو پنجاب ۾ هو پر ان ۾ سنڌ کي به گهليو ويو. هن سوال ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن کي جيڪي 10 سالن کان اڳ ئي عذاب هيٺ هئا آخر ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني وئي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ ٿيل چونڊون مڪمل فراڊ آهن. جنهن کي اسين تسليم نه ٿا ڪريون ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيل چونڊن کي رد ڪري نئين سر چونڊون ڪرايون وڃن. پير صاحب پاڳاري چيو ته 2013ع جي چونڊن ۾ پ پ پاران ڪيل ڌانڌلين بابت اسان جون درخواستون اڃان عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن ته هاڻ وري ٻيون ڪهڙيون درخواستون داخل ڪريون. ايم ڪيو ايم جي ڌار صوبي جي مطالبي بابت سوال تي پير پاڳاري چيو ته ايم ڪيو ايم وارن مطالبو ڪيو آهي ته ان جو اهو مقصد ناهي ته هو 10 مطالبا ڪن ته اسين سڀ مڃي وٺنداسين، پهريان ڏکڻ پنجاب صوبو ته ٺهي وٺي، جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته اسان تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. عوام عمران خان تي يقين ڪري کيس ووٽ ڏنو، اسان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ڪا رنڊڪ پيدا نه ڪنداسين. پير پاڳاري مطالبو ڪيو ته تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي، عمران خان کي پنهنجي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جي ڊي اي تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، سنڌ ۾ به عمران خان مڪمل سپورٽ ڪيون ٿا. جي ڊي اي سربراهه چيو ته سنڌ ۾ هڪ تڪ تان اسان جي اميدوار جا 12 کان 13 هزار ووٽ رد ڪيا ويا، چونڊن کان اڳ چيو هو ته سنڌ جي آفيسرن جي بدلي ڪئي وڃي پر ائين نه ٿيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ويو، سنڌ جو عوام ڪيستائين ناانصافي برداشت ڪندو. جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجي ڳالهائيندي چيو ته جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ نتيجن کي مڪمل طور رد ڪندي سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته اسان پير پاڳاري جي حڪم تي في الحال شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ واپس وٺندي فيصلو ڪيو آهي ته پهرئين مرحلي ۾ جمعي 3 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ ان جي اتحادي جماعتن جا ڪارڪن پريس ڪلبن ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو جمعي نماز بعد منجهند جو ٻه وڳي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻندا. جيڪڏهن سندن احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جا سمورا رستا ڌرڻا هڻي بلاڪ ڪيا ويندا. جيڪڏهن ان بعد به کڙ تيل نه نڪتو ته 10 لک ماڻهو ڪراچي ۾ گڏ ڪري پ پ جي ڌانڌلين خلاف ملين مارچ ڪنداسين. اياز لطيف چيو ته هي چونڊون مڪمل فراڊ هيون جن وسيلي سنڌ جي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر عذاب ۾ وڌو ويو آهي. اسين انهن نتيجن کي مڪمل رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، غلام مرتضيٰ جتوئي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ديوان چيتن مل آرواڻي، سردار علي گوهر خان مهر، غوث بخش خان مهر، ايم ايم اي اڳواڻ مولانا راشد سومرو، ايم ڪيو ايم اڳواڻ فيصل سبز واري، ايس يو پي جو سربراھ سيد جلال محمود شاھ، نند ڪمار گوڪلاڻي، نصرت سحر، سردار خير محمد کوکر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان، ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ ۽ راحيلا گل مگسي ۽ ٻيا به موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟