ڪراچي(چيف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ پارلياماني اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ مان چونڊيل نون قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾پ پ جي مرڪزي اڳواڻن راجا پرويز اشرف، فريال ٽالپر، شيري رحمان، خورشيد شاهه، رضا رباني، مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ سنڌ اندر حڪومت جوڙڻ ۽ وفاق ۾ جڙندڙ مرڪزي حڪومت سميت ٻين معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو تنهن بعد چونڊيل اسيمبلي ميمبرن جي مان ۾ ڪوٺرايل مانجهاندي واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن بعد ڪجهه سياسي پارٽيون پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون پر اسان انهن کي ائين نه ڪرڻ تي قائل ڪيو جيڪا جمهوري سوچ جي ڪاميابي آهي، اسان کي به چونڊ نتيجن تي تحفظات آهن. هن چيو ته مشڪلات ۽ ڌانڌلين باوجود پيپلز پارٽي 2013ع جي ڀيٽ 2018ع جي چونڊن ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. بلاول چيو ته گڊ گورننس ۽ بهتر ڪارڪردگي اسان جي نئين حڪومت جي پهرين ترجيح هوندي، اسان کي سنڌ اندر وڌيڪ ڊليور ڪرڻ کي فوڪس ڪرڻو آهي، اسان عوام کي مايوس نه ڪنداسون جنهن اسان کي ايوانن ۾ موڪليو آهي. بلاول وڌيڪ چيو ته اسان کي عالمي ۽ معاشي محاذ تي وڏا چئلينجز آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي نظريي جي واڌ ويجهه لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪنداسون ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ٻئي طرف پ پ پ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي مخالفن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين. پ پ حڪومت سان پنجاب مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات ڪئي ۽ حڪومت سازي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري طرفان گرين سگنل ملڻ بعد پ پ پنجاب ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلاول چيو ته انگ گهٽ آهي ته ڇا ٿيو؟ پنجاب ۾ ڄمي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين. ڏکڻ پنجاب جو صوبو ڪٺ پتلي ناهي رڳو پ پ ئي ٺاهي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو چيو ته اسين ڪنهن جي غير مشروط حمايت نه ڪنداسين. اسان جي حمايت ۽ مخالفت عوامي مسئلن جي بنياد تي هوندي. بلاول ڀٽو پاران نئين چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي مانجهاندو به ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ سدائين جمهوريت ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي آهي. پ پ پنهنجي نظرئي جي واڌ ويجهه لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪندي. ڏکيائين باوجود پ پ 2013 جي مقابلي ۾ 2018ع ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. بلاول چيو ته ڪجهه پارٽين پارليامينٽ جي بائيڪاٽ جون ڳالهيون پئي ڪيون پر اسان کين ائين نه ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟