اسلام آباد (بيورو) چونڊن کانپوءِ صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ امڪاني تعاون جي معاملي تي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اعليٰ سطح جون ڳالهيون ٿيون. رپورٽ موجب پيپلز پارٽي جي ڳالهين واري ڪميٽي سردار اياز صادق جي گهر پهتي جتي باقاعدا ڳالهين جي شروعات ٿي، ڳالهين جي ايجنڊا ۾ چونڊ نتيجن، حڪومت سازي، پارليامينٽ جو بائيڪاٽ ۽ حلف نه کڻڻ جي نقطن سميت ٻيا معاملا شامل هئا. مسلم ليگ ن جي ٽي رڪني ڪميٽي ۾ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اياز صادق ۽ سردار مهتاب جڏهن ته پيپلز پارتي جي ڳالهين واري ٽيم ۾ سيد خورشيد شاهه، شيري رحمان ۽ فرحت الله بابر نويد قمر يوسف رضا گيلاني شامل هئا. ان کانپوءِ ڳالهين جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته ٻنهي پارٽين جو اتفاق آهي ته اليڪشن 2018ع چوري ٿي وئي ۽ چونڊ عمل جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ناڪام رهي جڏهن ته ٻنهي پارٽين جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته ٻنهي پارتين جي نمائندن مشاورت ڪئي ته اڳتي ڪيئن هلڻ گهرجي، ٻنهي پارٽين فيصلو ڪيو ته اسان کي پارليامينٽ جو پليٽفارم نه ڇڏڻ گهرجي. فرحت الله بابر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو وفد متحدا مجلس عمل سان به ملندو انهن جي سامهون به اسان پنهنجو موقف پيش ڪنداسين ان کانپوءِ هڪ ٻئي ملاقات ٿيندي جنهن ۾ گڏيل موقف پيش ڪيو ويندو. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان اڪثريت ورتي آهي ته حڪومت ٺاهي، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ نه ٺاهڻ سان اسان جو تعلق ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان چونڊن کي رد ڪيو آهي پر ان جي باوجود پارليامينٽ وڃڻو آهي، اسان پارليامينٽ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ ٻين پارٽين کي به وڃڻ تي قائل ڪنداسين. هن چيو ته عمران خان اڪثريت ورتي آهي ته حڪومت ٺاهي، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ سان اسان جو تعلق ناهي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اڃان پارٽي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ ن سان ڳالهين جي باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف پ پ وفد مولانا فضل الرحمان ۽ سراج الحق سان پڻ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خورويچار ڪيو ويو پ پ وفد مولانا فضل الرحمان کي پرچائي ورتو مولانا فضل الرحمان پ پ وفد کي چيو ته ايوان ۾ حلف نه کڻڻ جي حوالي سان اي پي سي جو فيصلو ڪيو ويندو مهلت ڏني وڃي ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته اسان کي پارليامينٽ جو فورم نه ٻڌڻ گهرجي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟