اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اوچتو طبيعت خراب، اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اوچتو طبيعت خراب اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، نواز شريف کي ڊاڪٽرن جي سفارش تي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو نگران حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي طبعيت خراب ٿيڻ تي اڊيالا جيل کان پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو . اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزير اعظم نواز شريفکاٻي هٿ ۽ سيني ۾ تڪليف سبب ڊاڪٽرن سندس چڪاس ڪئي جنهن بعد کيس فوري طور تي سي سي يو منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. جنهن بعد آءِ جي جيل   گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سان رابطو ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو، نگران گهرو وزارت جي ذريعن موجب نگران حڪومت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي رپورٽ بعد اڳوڻي وزيراعظم کي پمز اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پنجاب جي گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب نواز شريف جي اي سي جي ٺيڪ ناهي آئي انڪري پمز اسپتال ۾ سندس علاج لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي وزيراعظم کي مجموعي طور تي 11 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد 13 جولائي تي اڳوڻي وزيراعظم کي لنڊن کان وطن واپسي تي گرفتارري ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو هو. جڏهن ته اسپتال ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. وي آءِ پي وارڊ جي ٻاهران پڻ پوليس جي وڏي نفري مقررڪئي وئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب انتظاميا لاڳاپيل ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي موقعي تي پهچڻ ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن کي وي آءِ پي وارڊ جي آس پاس کان هٽائڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار پمز جي مختلف حصن ۾ مقرر ڪيا ويا. نواز شريف کي پمز اسپتال جي ڪارڊيو سينٽر ۾ داخل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم معائنو ڪيو ڊاڪٽرن موجب نواز شريف جي ٻانهن ۾ سخت تڪليف  آهي فوري علاج ضروري آهي پمز اسپتال ۾ نواز شريف جون ٽيسٽون ڪيون ويون ان کان اڳ جيل اندر نواز شريف سان ڪئپٽن صفدر ۽ مريم نواز جي ملاقات پڻ ڪرائي وئي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں