ڪو شڪ ناهي ته هڪ مخصوص پارٽي کي کٽرائڻ لاءِ اليڪشن ڪرائي وئي: محمد زبير

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ محمد زبير ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي ته هڪ خاص پارٽي کي کٽرائڻ لاءِ اليڪشن ڪرائي وئي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد زبير جو چوڻ هو ته پنهنجي زندگي ۾ اهڙي اليڪشن نه ڏٺي ته چار ڏينهن ٿي ويا آهن پر هينئر تائين اليڪشن جي ڳڻپ پوري نه پئي ٿئي. محمد زبير الزام مڙهيو ته پشاور کان ڪراچي تائين ڪائونٽنگ کي مينيج نه ڪيو ويو، موبائل فون جي اجازت نه هئي پر وڊيو ڪلپ سامهون آيون، اليڪشن ڪميشن کي ان وڊيو ڪلپس کي ڏسڻ گهرجي ها. گورنر سنڌ جو چوڻ هو ته چونڊن تي سخت خدشا آهن جن کي سامهون آڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي پورو سسٽم ٻڌايو ويو هو جنه نتي سڀني کي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو.   هن جو چوڻ هو ته هڪ پارٽي کي اليڪشن کٽرائڻ لاءِ مينيج ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي. گورنر سنڌ چيو ته صبح 6 وڳي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي اچي ٻڌايو ته سسٽم ويهي ويو، ايترو ليٽ اچي سسٽم جي خرابي جي ڳالهه ڪئي وئي، رات ڏيڍ وڳي سخت خدشن کانپوءِ بيان ڏنو ويو،  ٻڌايو وڃي ته آر ٽي ايس سسٽم ويهي ڇو ويو؟. هن جو چوڻ هو ته اڃان به اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ري ڪائونٽنگ ٿيندي يا نه، مري ۽ مانسهرا ۾ ٻه ماڻهو مري ويا پر ميڊيا ڪور نه پئي ڪري، ان کان وڌيڪ آزاد ميڊيا ته مشرف جي دور ۾ هئي. ٻئي طرف محمد زبير گورنر هائوس خالي ڪري ويو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں