لاهور (بيورو) پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ جوڙتوڙ جاري ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلو ق ليگ جو ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار پنجاب ۾حڪومت سازي لاءِ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلو جاري آهي ٻنهي پارٽين رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن وڌيڪ هڪ آزاد اميدوار تحريڪ انصاف ۽ شامل ٿي ويو آهي ٻئي طرف تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ وچ ۾ اڄ ملاقات ٿيندي ق ليگ ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ق ليگ چيو آهي ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏينداسين ن ليگ جي مشاهد حسين پرويز الاهي سان رابطو ڪيو هو ٻئي طرف ق ليگ مرڪز ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو فيصلو ڪندي پنجاب ۾ ن ليگ جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اهو فيصلو چوڌري شجاعت حسين جي سربراهي ۾ پارٽي جي مشاورتي اجلاس ۾ ٿيو. اجلاس دوران معاملي تي غور ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن طرفان چيو ويو ته ق ليگ پي ٽي آءِ جي اتحادي آهي ۽ ان اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. ق ليگ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏنو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ ن ليگ بابت چيو ويو ته اها سدائين مفادن لاءِ رابطا ڪندي آهي. ن طرفان اياز صادق ق ليگ قيادت سان رابطو ڪيو هو. ذريعن موجب ن ليگ ق ليگ کي پنجاب ۾ مرضي جو عهدو ڏيڻ جي به آڇ ڪئي. پنجاب ۾ ن ليگ 127 سيٽن سان پهرين،جڏهن ته تحريڪ انصاف 123 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ 29 آزاد اميدوارن جي اهميت وڌي وئي آهي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته سندس پارٽي وٽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل انگ موجود آهي آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق هڪ دفعو ٻيهر ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جو پي ٽِي آءِ حق رکي ٿي. هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن جي نالن لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن ۽ جلد ئي انهن جو اعلان ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ اميد آهي ته قومي اسيمبلي کانپوءِ صوبائي اسيمبلين جا اجلاس به گهرايا ويندا. سنڌ جي گورنر جي حوالي سان نعيم الحق چيو ته مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي آحي. چوڌري پرويز الاهي جي حوالي سان نعيم الحق چيو ته کيس مسلم ليگ ق جي قيادت جي عمران خان يا ڪنهن ٻئي اڳواڻ سان ملاقات جي خبر ناهي پر جيئن ئي کيس خبر پوندي ميڊيا کي ڄاڻ ڏني ويندي. نعيم الحق چيو ته پنجاب جو وڏو وزير تحريڪ انصاف مان هوندو. هن واضحڪيو ته چونڊن ۾ هارايل غلط پروپئگنڊه ۽ ڪوِڙي سياست ڪري رهيا آهن هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه جو نالو وٺي چيو ته مولانا فضل الرحمان وڏين پارٽين وانگر ذميواري جو مظاهرو ڪري ۽هار مڃي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟