چيف جسٽس پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو، 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب

0Shares

لاهور (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل قومي احتساب بيورو ڏانهن موڪليندي 10 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪنهن کي خيال ئي ناهي ته هي عوام جيٽيڪس جو پيسو آهي جيڪڏهن ڪوئي پيسا واپس نه ڪندو ته اسان واپس ڪرائي وٺنداسين. ٽن لکن کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ سمورا آفيسر نيب آڏو پيش ٿين ۽ جيڪڏهن ريفرنس بڻجي ٿو ته اهو به فائل ٿيندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ سپريم ڪورٽ پنجاب ڪمپنيز اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري پنجاب اڪرم دراني ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد سميت ٻيا اعليٰ آفيسر به عدالت ۾ موجود هئا. جڏهن ته عدالت جي حڪم تي سمورين ڪمپنين جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ٽي لک رپين کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ ٻيا آفيسر به پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران آفيسرن پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته کين ميرٽ تي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي چيف جسٽس مطمئن نه ٿيو چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته اورنج لائين ٽرين، فاسٽ ٽريڪ ۽ ٻيا منصوبا هڪ ئي ٺيڪيدار کي ڏنا ويا جيڪڏهن ڪوئي پيسا واپس نه ڪندو ته اسان واپس ڪرائينداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار آءِ ڊيپ جي سي اي او تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته اوهان 11 لک رپيا پگهار کڻي رهيا آهيو اوهان جو ڇا تجربو آهي ڪنهن کي خيال ئي ناهي ته هي عوام جي ٽيڪس جو پيسو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں