ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا ٻيهر ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، اليڪشن ٽربيونل ۾ وڃڻ جو اعلان

0Shares

بدين(ڊ ر) بدين جي تڪ اين اي 230 ۽ پي ايس 73 جي ڳڻپ وارو معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي، رٽرننگ آفيسر ڳڻپ اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، رٽرننگ آفيسر چيو ته اميدوار ڳڻپ ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن.  اين اي 230 تي پ پ پ اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو ۽ پي ايس 73 جي اميدوار ڊاڪٽر فهميده مرزا جي درخواستن تي آر او عارف راجپوت ۽ منگھا رام وٽ ٻنهين تڪن تي ريڪائونٽنگ هلندي ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آر اوز تي پي پي پي اميدوارن جي ڌر هجڻ جو الزام هڻي هلندڙ ريڪائونٽنگ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڊيشنل ڪامپليڪس مان اٿي ٻاهر نڪري آيا ۽ صحافين کي ٻڌايو ته آر اوز اسان جا 39 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري رجيڪشن فارمولي تحت جي ڊي اي کي هارايو آهي ريڪائونٽنگ ۾ به اهڙيون شاهديون اچي رهيون هيون ان ڪري اسان آر اوز تي بي اعتمادي ڪري اليڪشن ٽربيونل ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان سلسلي اين اي 230 تي هارايل پي پي پي اميدوار حاجي رسول بخش چانڊيو ۽ پي ايس 73 تي ڪامياب پ پ پ اميدوار تاج محمد ملاح پ پ پ ضلع ڪوآرڊينٽر گل محمد جکراڻي ، ڪمال خان چانگ ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ذوالفقار مرزا ڌانڌلين جو بادشاهه آهي بدين جي عوام کيس شڪست ڏيئي کيس سندس حيثيت ڏيکاري ڇڏي آهي جنهن ڪري هو آپي کان ٻاهر آهي شڪست کي لڪائڻ جي لاءِ ريڪائونٽنگ جي بائيڪاٽ جا ڊرامان ڪري ڊاڪٽر فهميده مرزا کي ڌانڌلين ذريعي کٽائڻ چاهي ٿو ريڪائونٽنگ دوران 13 پولنگن تي پ پ پ جا 150 کان وڌيڪ ووٽ نڪتا آهن جيڪي هن پرزائيڊنگ آفيسرن کي خريد ڪري هيٺ مٿي ڪيا هئا جنهن بعد مرزا آر اوز سان بدتميزي ڪئي ۽ بائيڪاٽ ڪيو درسل هو فهميده مرزا کي بچائڻ ۽ بدين جي عوام جي چونڊيل نمائندي تاج محمد ملاح کي سنڌ اسمبلي ۾ حلف کڻڻ کان روڪڻ لاءِ هٿ ڪنڊا استعمال ڪري رهيو آهي بلدياتي چونڊن ۾ به هن ميونسپل بدين يوسي نندو شهر ۽ پنگريو ۾ به ساڳيو فارمولو استعمال ڪيو ۽ پنهنجي ئي چونڊيلن کي عوام جي نمائندگي ڪرڻ نه ڏني هو رڳو پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي اڳيان آڻڻ چاهي ٿو هنن چيو ته مرزا جهڙا پارٽي جا غدار پي پي پي ۾ ڪيترا آيا ۽ سياسي موت مري ويا پر پ پ پ جمهوري قدرن تي قائم آهي هن چيف جسٽس ۽ آر او بدين کان مطالبو ڪيو ته اڌ ۾ رهيل ريڪائونٽنگ مڪمل ڪئي وڃي ۽ ڪامياب اميدوار پي ايس 73 تاج محمد ملاح جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں