ڪنگنا رناوت پرينڪا جي مڱڻي ٿيڻ تي کانئس ناراض ٿي وئي

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي مڱڻي جي خبر ٻڌي ڪنگنا رناوت ڪاوڙجي پئي. ڀارتي ميڊيا ۾ هنن ڏينهن ۾ صرف هڪ ئي خبر گردش ڪري رهي آهي ۽ اها آهي اڳوڻي حسن جي ملڪا ۽ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي آمريڪي راڳي ۽ اداڪار نڪ جونز سان مڱڻي. رپورٽن موجب پريانڪا ۽ نڪ هلندڙ مهيني پريانڪا جي سالگرهه کان هڪ هفتو اڳ مڱڻي ڪري چڪا آهن ۽ آڪٽوبر ۾ ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا. اداڪارا پريانڪا چوپڙا سلمان خان جي فلم ڀارت ۾ به ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي ۽ ان جو سبب به سندس شادي کي قرار ڏنو پيو وڃي. پريانڪا جي مڱڻي ۽ شادي جي خبر ٻڌي جتي پوري فلم انڊسٽري ۽ سندس چاهيندڙ تمام گهڻو خوش آهن اتي ئي پريانڪا جي دوست اداڪارا ڪنگنا رناوت ان خبر کي ٻڌي نه صرف پريشان ٿي وئي پر پريانڪا کان ناراض به ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ هڪ تقريب جي دوران جڏهن ڪنگنا سان پريانڪا ۽ نڪ جي مڱڻي جي حوالي سان سندس راءِ پڇي وئي ته ڪنگنا حيراني جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا! هوءَ منهنجي تمام سٺي دوست آهي هن مون کي نه ٻڌايو ته پوءِ مان ناراض آهيان.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں