لاريب عطاءُ الله مشن امپوسيبل ۾ به فن جو جادو جاڳايو

لاهور(شوبز نيوز) لاريب عطاءُ الله پاڪستا جي ليجنڊري راڳي عطاءُ الله عيسا خيلوي جي ڌيءَ آهي، لاريب عطاءُ الله ڪيترين ئي هالي ووڊ فلمن ۾ وزوئل افيڪٽس آرٽسٽ جي طور تي ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ هن مشن امپوسيبل ۽ مشن امپوسيبل فال آئوٽ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. لاريب هينئر تائين ايڪس مين، گوڊزيلا، دي وائج آف دي ڊان ٽريڊرز ۽ ڪرونڪلز آف نارنيا پرنس ڪيسپيئن ۾ به وي ايف ايڪس آرٽسٽ جي طور تي پنهنجي مهارت ڏيکاري چڪي آهي. لاريب پنهنجو ڪيريئر 2006ع ۾ 19 سالن جي ڄمار ۾ شروع ڪيو ۽ تعليم جي دوران هو پنهنجي ساٿين سان اڪيلي ناري هئي. برطانوي خابرو اداريکي انٽرويو ڏيندي لاريب ٻڌايو ته جڏهن مان ان ڪورس جي شروعات ڪئي ته مون کي وي ايف ايڪس جي ڪابه سمجهه نه هئي، مون کي صرف اها خبر هئي ته اها فلم لاءِ جادو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں