آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، فخرالزمان اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ فخرالزمان ٽاپ ٽوئنٽي بيٽسمين جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو.ميڊيا  رپورٽن موجب پاڪستاني بيٽسمين شاندار ڪارڪردگي سبب 22 درجا بهتري کانپوءِ 16 پوزيشن تي چي ويو.فخرالزمان آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پهروين ڀيرو اهو اعزاز حاصل ڪيو، ياد رهي ته زمبابوي جي خلاف پنجن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ 515 رنسون ٺاهي ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙيا هئا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين اوپننگ بيٽسمين فخر زمان پهريون ڀيرو ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪيريئر بيسٽ 16هين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي ون ڊي رينڪنگ موجب بابر اعظم ٻئي نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته فخر زمان 16هون نمبر ماڻيو آهي. زمباببوي کي پنجن ئي ميچن ۾ شڪست ڏيڻ باوجود سرفراز اليون جو رينڪنگ ۾ ساڳيو پنجون نمبر آهي. زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز دوران فخر زمان 515 رنسون ٺاهيون، جنهن عيوض جو 22 درجا ترقي ڪندي 16هين نمبر تي پهچي ويو. بيٽسمينن ۾ ڪوهلي جو پهريون، بابر اعظم جو ٻيو، جو روٽ جو ٽيون ۽ روهت شرما جو چوٿون نمبر آهي. بالرن ۾ جسپريت بمرا پهرين، راشد خان ٻئي ۽ حسن علي ٽئين نمبر تي آهي. آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن پهرين، محمد نبي ٻئي ۽ محمد حفيظ ٽئين نمبر تي موجود آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں