بنگلاديش آخري ون ڊي ۾ ويسٽ انڊيز کي 18 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي

سينٽ ڪٽس (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽي ۽ آخري ون ڊي مئچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 18 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن  جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري حساب برابر ڪري ڇڏيو،ٽاس کٽي پهرين بيٽگ ڪندي مقرر اوررن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 301 رنسن جو پهاڙ ٺاهي ورتو، تميم اقبال 103 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي محمود الله 67 ۽ شقيب الحسن 37 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا ڪپتان هولڊر ۽ نرس 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو، جواب ۾ وسيٽ انڊيز مقرر اوررن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 283 رنسون ٺاهي سگهي، پاويل 74 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڪرس گيل 73 ۽ سٿائي هوپ 64 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، مرتضيٰ 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو، تميم اقبال کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

اپنا تبصرہ بھیجیں