ڏکڻ آفريڪا جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان بدترين شڪست

0Shares

دمبولا(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾  0-1 برتري حاصل ڪري ورتي سريلنڪا بيٽنگ ڪندي 34.3 اوررن ۾ فقط 193 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڪس پريرا 81 ۽ ٿسارا پريزا 49 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا ڪگيسو ربادا ۽ تبريز شمي 4-4 رانديگرن کي پويلين موڪليو، جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 31 اوررن ۾ حاصل ڪري ورتو جي پي ڊمني 53 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڊي ڪاڪ ۽ ڪپتان ڊپليميز 47-47 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، ڌننجي 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو، تبريز شمسي کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں