اسلام آباد/لاهور (بيورو+ م ڊ) پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ نمبر گيم، 4 آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ شامل ن ليگ جو پ پ سان رابطو پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف ۾ رسا ڪشي جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ آزاد اميدوارن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا ۽ چئن آزاد اميدوارن عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ ڪنهن جي نالي جو سڪو هلندو، ڪير تخت لاهور تي ويهندو حڪمراني لاءِ مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف آمهون سامهون اچي ويا، نمبر گيم جي چال مان سامهون ايندڙ کي ڪيرائڻ جي بازي شروع ٿي چڪي آهي. ٻنهي سياسي پارٽين طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ دعويٰ ۽ جوڙ ٽور عروج تي پهچي وئي آهي، آزاد ميمبرن سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن. پنجاب اسيمبلي جا چار آزاد ميمبر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ صوبائي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي سيٽڻ جو تعداد وڌي 127 ٿي ويو آهي. آزاد حيثيت ۾ پنجاب اسيمبلي جي اليڪشڻ کٽيندڙ 4 ميمبرن بني گالا ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ ڪبير والا جو حسين جهان گرديزي، ڊيرا غازي خان جو حميد پتافي ۽ ليا مان سيد رفاقت حسين ۽ بشايت حسين رنڌاوا شامل آهن. تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ن ليگ طرفان پئسن ۽ وزارت جي آڇ ڪئي وئي پر اسان جو خيال آهي ته جيڪو عوام لاءِ بهتر آهي اسان کي اهو ڪرڻ گهرجي. بشارت رنڌاوا جو چوڻ هو ته اليڪشن کان 7 ڏينهن اڳ تائين تحريڪ انصاف جو ضلعي صدر هو پر مون کان ٽڪيٽ وٺي ڏکڻ پنجاب صوبي محاذ جي هڪ ڪرپٽ شخص کي ڏني وئي. هن جو چوڻ هو ته عوام به ڪرپٽ ماڻهن کي رد ڪيو ۽ مون کي ڪامياب ڪيو. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 150 خانيوال مان ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوار سيد فخرامام عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ڇنڇر تي خانيوال مان ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوار ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر سيد فخرامام بني گالا ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت مشاورت ڪئي ويئي عمران خان سان ميان محمودالرسيد ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ان دوران ميان محمود ۽ عمران خان کي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن سان رابطن تي آگاهه ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ پنجاب جي اسپيڪر جي چونڊ سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ذريعن مطابق عمران خان اهڙي شخص کي پنجاب جو وڏو وزير بنائڻ چاهي ٿو جيڪو پارٽي جو پراڻو ڪارڪن ۽ نظرياتي هجي جڏهن ته ان تي ڪنهن قسم جو ڪو الزام نه هجي عمران خان سان فواد چوڌري ۽ عليم خان به ملاقاتون ڪيون جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد اسد عمر عارف علوي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ به ان سان ملاقاتون ڪندا رهيا. ٻئي طرف مسلم ليگ ن پنجاب ۾ 23 آزاد جڏهن ته مجموعي طور تي 150 پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي حمايت جي دعوي ڪئي آهي. رپورٽ موجب مسلم ليگ ن پنجاب ۾ 23 آزاد ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي. مسلم ليگ ن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ اسان جون پنهنجون سيٽون 129 آهن جڏهن ته 23 آزاد اميدوارن به حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ هاڻ اسان جي پارٽي کي مجموعي طور تي 150 کان وڌيڪ پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي. مسلم ليگ ن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ فارورڊ بلاڪ ٺهڻ جي گنجائش ناهي ۽ فارورڊ بلاڪ ٺاهيندڙ ڊي سيٽ ٿي ويندا، ان لاءِ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اسان جي پارٽي جي پوزيشن مستحڪم آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن به پنجاب سميت پوري ملڪ مان ڪامياب ٿيندڙ سمورين پارٽين جي سيٽن جو حتمي اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پنجاب اسيمبلي جي 295 سيٽن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن 129 سيٽن سان سڀني کان اڳتي آهي ۽ ان جي سخت سياسي مخالف پارٽي تحريڪ انصاف 123 سيٽن سان ٻئين نمبر تي آهي. آزاد اميدوار 28 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهن جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ جون 7، پاڪستان پيپلز پارٽي 6، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ پاڪستان عوامي راج هڪ، هڪ سيٽ کٽي سگهيون. ٻئي طرف ن ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ رابطو ٿيو، خورشيد شاهه ۽ شهباز شريف اڄ ملاقات ڪندا شهباز شريف پ پ اڳواڻ مخدوم محمد احمد سان ملاقات ڪئي ملاقات ۾ پنجاب ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟