لاهور (بيوروِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻي جو مسئلو مجرماڻي غفلت آهي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهيو ته پاڻي جي کوٽ جي سازش ڪئي ويئي ۽ هي پرڏيهي سازش آهي ايندڙ نسلن لاءِ ڊيم ٺاهڻ اڻٽر آهي ۽ ان لاءِ وسان نه گهٽائينداسين پاڪستان کان سواءِ اسان ڪجهه به نه آهيون هي ملڪ اسان کي مفت يا تحفي ۾ ناهي مليو پر جدوجهد سان مليو آهي سڀ پنهنجي پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسن هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجن ٻارڙن لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون ۽ صرف ۽ صرف پاڪستاني بڻجي سوچڻو پوندو ڪنهن جج کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي وڃي ته هو اهو ٻئي ان جو مداوا ڪري اسان کي هڪ اداري طور پنهنجي غلطين کي تسليم ڪرڻ گهرجي عدالتي نظام ۾ تبديلي آهستي آهستي ايندي آهي مان ڪيترن ئي شعبن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر شايد مان اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيس جيڪو ڪرڻ چاهيو پئي بدقسمتي سان اڄ به عدالتي نظام ۾ سالن کان پراڻا طريقا رائج آهن ججن کي به پنهنجي اندر فوري انصاف فراهم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻو پوندو جيستائين قانون تي عملداري جو جذبو نه هوندو بهتري نه اچي سگهندي اهڙن خيالن جو اظهار هن جڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد ياور علي، سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج سميت لا آفيسر به موجود هئا چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جيڪو قدم کنيو آهي ان لحاظ کان هڪ نهايت اهم ڏينهن آهي اهڙي طرح تبديليون ۽ سڌارا ايندا آهن هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن قانونن ۾ تبديلين جي باوجود ڪيترائي نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن اڄوڪي دور ۾ اسان آمريڪا ۾ وڊيو تي ڳالهائي سگهون ٿا پر لکن جي پراپرٽي تپيدار جي زباني منتقل ڪرڻ تي ٻڌل آهي اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ به هڪ تپيدار جي محتاجي برقرار آهي هن چيو ته مان هڪ ٻڌڻي دوران نمبردار کان ٻه سوال پڇيا پر ان چيو ته مون کي ڪا خبر نه آهي هن چيو ته جيستائين اسان موجوده دور جي گهرجن مطابق پاڻ کي تيار نٿا ڪيون تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ نه ئي اسان پنهنجا حدف حاصل ڪري سگهنداسين اسان ان وقت تائين ڊليور نه ڪري سگهنداسين جيستائين ججن ۾ جذبو پيدا نه ٿيندو جيستائين ڪم ڪرڻ جو شوق دلچسپي جذبو نه هوندو رول آف لا اپلاءِ ڪرڻ جو جذبو نه هوندو سموريون ترميمون بي مقصد آهن هن چيو ته پنهنجي اندر جذبو پيدا ڪيو وڇي اسان پنهنجو ڪم عبادت سمجهي ڪيون ان سان پنهنجي لاءِ مغفرت ۽ نجات جو ذريعو بڻايو ان کي تقريم عزت ۽ رزق جو ذريعو سمجهو پوءِ اسان کي ڇو ان جو ڦل نه ملندو اسان کي قسم ڏيڻو پوندو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوندو هي ڪائي معمولکي نوڪري نه آهي اسان کي تربيت وٺڻي پوندي ايئن نه ٿيڻ گهرجي بس سول جج جو امتحان پاڪ ڪري ورتو ته ڪافي آهي مان چيف جسٽس جي عهدي تي ويٺو آهيان پر مان اڄ به پياسو آهيان مون کي پورو قانون نٿو اچي مان اڄ به ڪنهن اڪيڊمي ۾ ڪنهن استاد کان سکڻ چاهيان ٿو مون اندر اڃ آهي مان پنهنجي سکڻ جي اڃ اجهائي سگهان اوهان قانون کي سکو تڏهن اوهان صحيح انصاف ڪري سگهندا اوهان قانون کي اپلاءِ ڪيو مان هجان يا نه پر هي سسٽم ٺيڪ ٿي ويندو هن چيو ته جتي اوهان کي غلطي نظر اچي کيس ٻڌايو جيڪڏهن اڄ هي حل نه ٿيندي ته سڀاڻي ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو اسان جي سپريم ڪورٽ جي سونهن آهي ته جيڪڏهن ڪٿي غلطي آهي ته اسان کي درست ڪرڻ لءِ تيار آهيون هن چيو ته بدقسمتي سان اڄ به عدالتي نظام ۾ سالن جا پراڻا طريقا رائج آهن عدالتي نظام ۾ ڪافي سڌارا موجدو آهن جج صاحبن کي پاڻ اندر تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مان پيءُ، وڏو ڀاءُ هئڻ ۽ چيف جسٽس جي حيثيت سان چوندس ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي وڏي کوٽ ٿيڻي آهي ۽ هي اسان جي بقا جو معاملو آهي پاڻي جو مسئلو مجرماڻي غفلت آهي مان جيتريون به گڏجاڻيون ڪيون آهن انهن ۾ واضح ٿيو آهي ته هي ملڪي نه پر پرڏيهي سازش آهي اهو سوچيو ويو ته پاڪستان کي ايئن ته ڪمزور نٿو ڪري سگهجي پر ان کي پاني جي حوالي سان ڪمزور ڪريو ته جيئن زمين تي ان جي بقا ئي نه رهي ڊيم ٺاهڻ اڻتر آهي ان لاءِ اسان کي پنهنجو تن من ڌن جيڪو به لڳائڻو پوي لڳائينداسين هي اوهان جي ٻارڙن جو اوهان تي قرض آهي هتي ماڻهو پنهنجي ٻارڙن لاءِ مليڪتون ڇڏي وڃن ٿا اڄ جيڪو ٻار پيدا ٿي رهيو آهي اسان ان کي هڪ لک 17 گهزار رپين جو قرضي ڇڏي وڃي رهيا آهيون ڇا وڏڙا ايئن فرض نڀبائيندا آهن اسان جي بزرگن اسان جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏيو هو ان کان پوءِ ايندڙ نسلن به شايد سٺو پاڪستان ڇڏيو پاڪستان کان سواءِ اسان ڪجهه نه آهيون هي ملڪ اسان کي مفت ۾ يا تحفو ۾ ناهي مليو پر جدوجهد سان مليو آهي هي ملڪ اسان جي ماءُ آهي جنهن جي پيرن هيٺان جنت هوندي آهي اسان پنهنجي ماءُ جي ڪهڙي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي ڪرپشن ايمانداري نه ڪرڻ اسان غور سان ڏسون ته پنهنجي اندر جهاتي پايون صرف پنهنجا مقصد آهن پنهنجي ذات آهي پراڊو، هر سال نئين گاڏي بئنڪ اڪائونٽ چيڪ ڪيون ٿا ان ۾ ڪيترا پئسا آيا آهن اسان پنهنجي قوم ۽ ايندڙ نسل لاءِ ڇا ڇڏي رهيا آهن تاريخ ڇا لکندي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي پيٽ سان پٿر ٻڌا ته جيئن انهن جي ايندڙ نسلن کي کاڌ کوراڪ ملي سگهي وقت اچي ويو آهي ته اسانکي پنهنجن ٻارڙن لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي اسان کي آبادي تي ڪنٽرول جي رٿابندي ڪرڻي پوندي ته جيئن کين بهتر غذا ملي سگهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟