چونڊن ۾ بيضابطگيون: محمد زبير گورنر سنڌ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سنڌ جي گورنر محمد زبير پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. محمد زبير ميڊيا سان ڳالهائيندي مستعفيٰ ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن پنهنجي استعيفيٰ منظوري جي لاءِ صدر ممنون حسين ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو ته سنڌ جي گورنر چونڊن ۾ مبينا بي ين ۽ بي قاعدگين جي ڪري استعيفي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عام چونڊن ۾ ن ليگ جي اميدوارن سان اليڪشن ڪميشن جو ريو ۽ ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون رد ٿيڻ به سنڌ جي گورنر جي سبب ۾ شامل آهن. محمد زبير 2 فيبروري 2017ع تي سنڌ جو 32هين گورنر طور حلف کنيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں