اليڪشن ڪميشن کي هيڪاندا اختيار ڏيڻ غلطي هئي، چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏي: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ غلطي هئي اسان اليڪشن ڪميشن کي اوقات کان وڌيڪ طاقت ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب اياز صادق جي سربراهي ۾ مسلم ليگ ن جو وفد چونڊ نتيجن تي خدشا ۽ شڪايتون کڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سانملاقات جي لاءِ اليڪشن ڪميشن پهتو پر چيف اليڪشن ڪمشنر ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اياز صادق ٻڌايو ته صبح چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار رضا خان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن کان ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ درخواست ڪئي پر هاڻ هو ملڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن اختيارين طرفان وقت ڏيڻ تي ٽال مٽول ڪئي پئي وڃي. صحافي جي سوال جي جواب ۾ اياز صادق چيو ته اسان چيف اليڪشڻ ڪمشنر جي استعيفيٰ گهرڻ آيا آهيون، ان اي 57 ۾ ٻيهر ووٽنگ جي ڳڻپ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن الطاف خان اياز صادق جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر 5 وڳي تائين ملاقات جي انتظار ۾ ويٺو هو پر اياز صادق وقت تي نه آيو ۽ پوءِ اليڪشن ڪمشنر هليو ويو. هن چيو ته ملاقات جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ائين ناهي ٿيندو، صبح اياز صادق چيف اليڪشن ڪمشنر کي فون ڪيو ته اسان سڄي پينل سان ملڻ چاهيون ٿا جنهن تي اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبر ته ناهن پر آئون موجود آهيان، چيف اليڪشن ڪمشنر جي اسٽاف اياز صادق کي ٻڌايو ته ميمبر ناهن آيا ۽ چيف صاحب اڪيلو آهي ان بعد چيف اليڪشن ڪمشنر 5 وڳي تائين ويٺو رهيو پر ڪو به نه آيو.5

اپنا تبصرہ بھیجیں