ميهڙ کان خضدار ويندڙ ڪوچ جبل جي چاڙهي تان اونڌي، 8 مسافر فوت، 11 زخمي

0Shares

شهدادڪوٽ (ڊ ر)  ميهڙ کان خضدار ويندڙ ڪوچ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب  بلوچستان جي  ونگو جبل جي چاڙهي کان ڪلٽيون کائي  کاهي  ۾  وڃي ڪري ، خوفناڪ حادثي  جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽  11ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين  کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ،  ضلعي دادو جي تعلقي ميهڙ کان بلوچستان جي علائقي خضدار ڏانهن  ويندڙ مسافر ڪوچ شهدادڪوٽ کان اٽڪل  200ڪلوميٽر پري ونگو جبل وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب  چآڙهيء تان ڪلٽيون کائيندي اونهي  کاهي ۾  وڃي ڪري ،  جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر ٿڏي  تي ئي فوت ٿي ويا ،  جڏهن ته 11 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آهن ، هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي ويجهو واري  ليويز پوليس چوڪي جا اهلڪار پهچي فوري طور  فوتين جي لاشن ۽ زخمين  کي کڻائي بلوچستان جي ڪرخ اسپتال پهچايو ،  حادثي ۾ فوت ٿيندڙن  ۾ محمد جمن ، خدابخش بروهي ، محمد بروهي ، عبدالطيف بروهي ، غلام عباس ، غلام قادر بروهي ، خميسو خان بروهي ۽  هڪ اڻ ڄاتل شخص سميت 8 ڄڻا شامل آهن  جڏهن ته 11 زخمين ۾ 3 عورتون 2 معصوم ٻار پڻ  شامل آهن ،  جڏهن  مليل ڄاڻ موجب ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں