مني لانڊرنگ ڪيس: زرداري ۽ فريال جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿيا، 15 ڏينهن جي مهلت طلب

ڪراچي (چيف رپورٽر) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري سندس ڀيڻ فريال ٽالپر هڪ دفعو ٻيهر ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيا انهن ايف آ3 اي جي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ 15 ڏينهن جي مهلت جي اپيل ڪئي اهي ايف آءِ اي 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي ڇنڇر ڏينهن ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ۾ طلب ڪيو ويو هو جتي امڪاني طور تي جي آءِ ٽي ٻنهي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي هئي جڏهن ته ٻئي اڳواڻ پيش نه ٿيا فريال ٽالپر پاران سندس وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جي ڪمپني جي ايڊووڪيٽ مزمل قريشي ايف آءِ اي زونل ڊائريڪٽوڪريٽ ۾ پيش ٿيو ۽ نئين تاريخ ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته سندس اصيل بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پنهنجي ڪچي ضمانت جي توثيق ۾ مصروف آهي انلاءِ ايف آءِ اي آڏو حاضر نٿي ٿي سگهي کيس ايف آءِ اي جي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ ڪائي ٻي تاريخ ڏني وڃي ٻئي پاسي فريال ٽالپر ڪراچي ۾ خاص بئنڪنگ عدالت ۾ پيش ٿي ۽ پنهنجي ڪچي ضمانت جي توثيق لاءِ 20 لک رپين جا ذاتي مچلڪا جمع ڪرائي ڇڏيا هن 6 آگسٽ تائين گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي فريال ٽالپر 6 ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت ورتي هئي جنهن جو مدو ڇنڇر تي ختم ٿي ويو آهي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں