لاهور (بيورو) پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ دلچسپ مقابلو ۽ هاڻي تائين ملندڙ نتيجن مطابق ن ليگ 127 ۽ تحريڪ انصاف کي 122 سيٽون مليون آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي سيٽن جو انگ 371 آهي، جنهن ۾ 66 سيٽون عورتن ۽ 8 اقليتن لاءِ مخصوص آهن ۽ ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 149 سيٽون گهربل آهن. اليڪشن ڪميشن پاران هن وقت تائين جاري ڪيل نتيجن مطابق ن ليگ وٽ 127 ۽ تحريڪ انصاف وٽ 122 سيٽون آهن، جڏهن ته 23 سيٽن تي آزاد اميدوار ٽئين نمبر تي آهن. ٻين پارٽين ۾ پ پ پ وٽ 7، مسلم ليگ وٽ6، بلوچستان عوامي پارٽي، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پاڪستاني عوامي راج وٽ هڪ هڪ سيٽ آهي. ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺهڻ لاءِ آزاد اميدوار اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيندو. ذريعن مطابق تحريڪ انصاف پاران آزاد ميمبرن سان رابطا شروع ڪيا ويا آهن ۽ هن وقت تائين 14 اميدوارن کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق جهانگير خان ترين ۽ چوڌري سرور وڌيڪ آزاد اميدوارن سان رابطن ۾ مصروف آهن. تحريڪ انصاف جي اتحادي مسلم ليگ ق وٽ به پنجاب اسيمبلي ۾ 7 سيٽون آهن ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پ پ پ به 6 سيٽن سان ڀڃ ڊاهه ۾ ڪردار ادا ڪندي. ٻئي پاسي ن ليگ صدر شهباز شريف حمزه شهباز جي سربراهي ۾ آزاد اميدوارن سان رابطن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جڏهن ته حمزه شهباز آزاد اميدوارن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پنجاب ۾ آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪندڙ پارٽي ئي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي. تحريڪ انصاف پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، عليم خان، فواد چوڌري ۽ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ فيورٽ آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ هاري وڏ وزارت جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف قيادت طرفان فواد چوڌري کي مرڪز ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي جڏهن ته اٽڪ جو ميجر طاهر به پنجاب جو وڏو وزير ٿيڻ جو خواهشمند آهي پر آخري فيصلو اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن ڏسي ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪي پي ۾ وڏ وزارت لاءِ عاطف خان مضبوط اميدوار آهي، عمران خان عاطف خان کي به بني گالا گهرائي ورتو آهي. پي ٽي آءِ طرفان بلوچستان ۾ به جوڙ ٽوڙ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪپتان يار محمد رند کي اسلام آباد گهرائي ورتو آهي. ذريعن موجب بلوچستان عوامي پارٽي، بي اين پي مينگل ۽ پي ٽي آءِ جي گڏيل حڪومت ٺهڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ سياسي پارٽين جا آزاد اميدوارن سان رابطا جاري آهن. پي ٽي آءِ سنڌ ۾ هم خيال پارٽين سان مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف تحريڪ انصاف اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته قومي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اڪثريت تحريڪ انصاف سان گڏ آهي، پنجاب ۾ تحريڪ انصاف ئي حڪومت ٺاهيندي، مسلم ليگ ن کي مخالف ڌر ۾ ويهڻو پوندو، پ پ سان اتحاد جو ڪو به امڪان ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته جتي ڌانڌليءَ جا الزام آهن اتي تڪ کولڻ لاءِ تيار آهيون ۽ جاچ ڪرائڻ لاءِ به تيار آهيون، حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪيترين پارٽين سان اتحاد جو آپشن آهي، پنجاب جي آزاد ميمبرن سان رابطو جاري آهي، جڏهن ته پ پ سان رابطي جو ڪو به امڪان ناهي، پ پ سان حمايت لاءِ ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پري پول ڌانڌلي ڪئي وئي، پنجاب ۾ اسان حڪومت ٺاهينداسين، عمران خان کي اسان جي مئنڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حمزا شهباز شريف چيو ته قوم کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته نواز شريف ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو هو. هن چيو ته اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ جمهوري رويتن تي عمل ڪندا آهيون. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن پنجاب ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي. حمزا شهباز شريف چيو ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ سٺيون ڳالهيون ڪيون پر کيس اسان سان ڳالهائڻو پوندو. هن چيو ته اسان ڏسنداسين ته عمران خان پنهنجي ڳالهين تي ڪيترو عمل ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان وٽ پنجاب ۾ 129 سيٽون آهن، اسان پنجاب ۾ حڪومت ٺاهينداسين. حمزا شهباز شريف چيو ته چونڊن کان اڳ اسان جي اميدوارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪارڪنن کي گم ڪيو ويو. هن چيو ته 29 آزاد اميدوار اسان سان رابطي ۾ آهن، پيپلز پارٽي سان به ڳالهايو ويندو، جيل ۾ ويٺل نواز شريف کي ووٽ ڏين تي عوام جا ٿورائتا آهيون. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ جيڪا ڌانڌلي ٿي آهي تنهن کي وائکو ڪيو ويندو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟