آل پارٽيز ڪانفرنس چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو، تحريڪ هلائڻ ۽ حلف نه کڻڻ جو اعلان

0Shares

اسلام آباد(بيورو) مبينا ڌانڌلي خلاف متحده مجلس عمل ۽ ن ليگ طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ( اي پي سي) 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد اي پي سي بعد سياسي پارٽين جي اڳواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته سمورين سياسي پارٽين 25 جولاءِ تي ٿيل چونڊن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ رٿيل آل پارٽي ڪانفرنس جي سربراهي متحده مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف گڏيل طور تي ڪئي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اِهو مينڊيٽ ناهي پر عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. ايم ايم اي جي سربراهه چيو ته اي پي سي ۾ شريڪ سمورين پارٽين نئين سر شفاف چونڊن جي شروعات تي اتفاق ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا چاهيون ٿا. جمهوريت کي يرغمال نه ٿيڻ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڏسنداسين ته ڪهڙي ريت ان ايوان کي هلائن ٿا، انهن ماڻهن کي ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، چورن ۽ ڦورن کي ان مقدس ايوان ۾ داخل ٿيڻ نه ڏينداسين. مولانا فضل الرحمان چيو ته عام چونڊن ۾ عوام جو مينڊيٽ پورايو ويو چور دروازي مان ايندڙن کي ايوان ۾ ويهڻ نه ڏينداسين هن چيو ته سمورين پارٽين ايوان ۾ حلف نه کڻڻ تي اتفاق  ڪيو آهي ۽ سمورين پارٽين جو ان نقطي تي به اتفاق آهي ته چونڊون  ٻيهر ڪرايون وڃن آر اوز يرغمال بڻيل رهيا چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائي ويندي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آفتاب شيرپائو اسفنديار ولي فاروق ستار ۽ ٻين  شرڪت ڪئي، ايم ڪيو ايم بهادرآباد دعوت باوجود شرڪت نه ڪئي شاهد خاقان عباسي خواجا سعد رفق حمزه شهباز شريڪ ٿيا  حلف نه کڻڻ واري معاملي تي شهباز شريف پارٽي سان مشور ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري شهباز شريف چيو ته ايوان ۾ اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين هاڻي خاموش نه ويهنداسين اي پي سي ۾ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن نتيجا تبديل ڪيا ويا فاروق ستار چيو ته عام چونڊن م ڌانڌلي ڪئي وئي آهي آفتاب شيرپائو ۽ اسفنديار ولي چيو ته ڌانڌلين خلاف تحريڪ هلائينداسين چونڊن ۾ من پسند پارٽي کي کٽڙائڻ لاءِ نتيجا تبديل ڪيا ويا فارم 45 نه ڏنو ويو ايجنٽن کي پولنگن مان ٻاهر ڪڍيو ويو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں