سيد مراد علي شاھ ٻيهر سنڌ جو وڏو وزير نامزد، اليڪشن جا نتيجا رد ڪريون ٿا: بلاول

0Shares

ڪراچي  (چيف رپورٽر)  پاڪستان پيپلزپارٽيءَ 2018ع جي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏوگڏ  هن مخالف  ڌر جي پارٽين کي درخواست ڪئي آهي ته اهي پارلياماني عمل کي ڇڏڻ بدران پارليامينٽ اندر ويهي  پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب  ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر  شهري جو  حق آهي ته کين صاف شفاف ۽ آزاد چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق ڏنو وڃي. جهڙي نموني چونڊ ڪرائي وئي آهي. ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. عام چونڊن ۾ منظم نموني ڌانڌلي ٿي آهي. اسان ان حوالي سان حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ فيڪٽ فائيڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. جنهن جي رپورٽ  بعد وڌيڪ حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.  هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي  ۽ سيد مراد علي شاھ ئي سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير ٿيندو. هن چيو ته لياري ۾ کين ڌانڌلي  وسيلي هارايو ويو آهي. ان هوندي به لياري وارا سندس پنهنجا آهن  هو سندن خدمت جاري رکندو. بلاول چيو ته اسين وفاق ۾ حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين پر اپوزيشن ۾ ويهنداسين.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں