ايف آءِ اي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اڄ طلب ڪري ورتو

ڪراچي(چيف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ پ پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي اڄ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي پاران مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي حوالي سان وڌيڪ 3 ايف آءِ آريز داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کان رقم جي سندن اڪائونٽن ۾ معطلي ۽ سمٽ بئنڪ ۾ شيئر جي حوالي سان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. جڏهن ته رقم جي منتقلي جي حوالي سان ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويندا، اجلاس ۾ جي آءِ ٽي جي ميمبرن سميت سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.

اپنا تبصرہ بھیجیں