نواز ۽ مريم جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو ايندڙ حڪومت تي ڇڏڻ جو فيصلو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) نگران حڪومت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ وارو معاملو ايندڙ حڪومت تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نگران وزير اعظم جسٽس ريٽائرڊ ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري معاملي جو جائزو ورتو ويو. اي سي ايل واري معاملي تي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ يا ڪڍڻ جو معاملو ايندڙ حڪومت تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پي آءِ اي جي سي اي او مشرف رسول جي مقرري جو معاملو به ايندڙ حڪومت تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان سواءِ اجلاس نيشنل بينڪ جي نئين صدر جي مقرري جو معاملو به نئين حڪومت تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي منتقلي رپورٽ ايندڙ حڪومت ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں