حيدرآباد/ ڄامشورو(بيورو+ ڊ ر) ڄامشورو ضلعي ۾ عام اليڪشن 2018ع جا نتيجا روڪڻ ، مبينا ڌانڌلين ۽ اميدوار ڊاڪٽر سڪندرشورو ۽ ڄامشورو اتحاد جي حامين تي حملا ۽ فائرنگ وارو معاملو: ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ضلعي جي قومي تڪ اين اي 233 ۽ پي ايس 80 جي اميدوار سيد جلال محمود شاهه ،پي ايس 81 جي اميدوار ملڪ چنگيز خان، پي ايس 82 جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندرعلي شورو پاران ڪوٽڙي ۾ شورا هائوس تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊي آر او،رٽرننگ آفيسر ۽ پولنگ عملو ڌاندلين ۾ ملوث آهن هنن چيو ته اليڪشن ڏينهن تي هڪ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ ٻه اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ٽپا هڻي اسان جا ووٽ خراب ڪري رهيا هئا جن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو ان عمل جو اعتراف اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر خد به ڪيو پر اڃاتائين پوليس انهن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي،انهن کي ملڪ اسد جي چوڻ تي بچائڻ ۽ ڇڏڻ جي لاءِ تياري ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اليڪشن جي شروع ٿيڻ کان پهريان سيوهڻ ۾ پوسٽل بليٽ پيپر جو پڪڙجڻ ۽ آر او جي خلاف ڪو به قدم نه کڻڻ به افسوس جوڳو عمل آهي جن کي ثبوتن سان گڏ پڪڙيو ويو پر انهن مٿان ڪا به ڪاروائي نه ٿي.انهن سمورن شڪايتن کي ڊي آر او ۽ انتظاميه کي ڏني وئي پر ڪو به ازالو نه ٿيو آهي.هنن چيو ته پ پ اميدوار ملڪ اسد اڳوڻو ايم پي اي فقير داد کوسو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي اسان جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو جي گهر ۽ حامين بادشاهه ميمڻ ۽ الهڏنو شاهه ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ حامين جي گهرن تي حملا ڪرائي فائرنگ ڪرائي وئي ۽ اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو هنن چيو ته اسان اميدوارن سميت اسان جي حامين کي اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. حملي بعد سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي اسان جي اميدوار سڪندر شورو کي هائوس اريسٽ ڪرايو ويو ۽ پولنگ اسٽيشنن تي اسان جي ورڪرن کي يرغمال بڻائي ڌاندلي ڪئي وئي .هنن چيو ته نتيجا اسان جي فيور ۾ آيا پر هيراڦيري ڪري فارمن ۾ ردوبدل ڪيو ويو، پولنگ عملي ۽ پوليس ملي ڪري اسان جي ووٽن تي ڊبل ٽپا هڻي هٿ سان ووٽ خارج ڪرايا ويا.عوام اسان کي ووٽ ڏنا پر آر اوز پنهنجي من پسند اميدوارن کي ڪامياب ڪرايا. هنن چيو ته اسان کي جڊيشنري تي افسو س آهي شڪايت باوجود ڪو به پيش رفت ڏسڻ ۾ نه آيو آهي اسان انصاف لاءِ قانوني حق رکون ٿا انصاف نه مليو ته سنڌ سراپا احتجاج ڪنداسين. هنن مطالبو ڪيو ته ڄامشورو ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر شازيه قاضي ۽ ايس ايس پي ڄامشورو بشير احمد بروهي کي فوري طور تي هٽايا وڃن جيڪي سڄي اليڪشن دوران پنهنجي ذميوارن کان پاسيرا رهيا آهن ۽ ڌر بڻيل آهن. هنن چيو ته اسان جي اميدوارن ۽ سپورٽرن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڄامشورو پوليس ۽ صلعي انتظاميه مڪمل طور ناڪام آهي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اميدوارن کي ۽ حامين کي تحفظ فراهم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف هنن چيو ته اليڪشن شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ پيپر جو پڪڙجڻ ۽ آر او خلاف ڪوبه قدم نه کڻڻ ڪيترائي سوال اٿاري ٿو، احتجاجن کانپوءِ خاطري ڪرائي وئي ته مسئلو حل ڪيو ويندو پر اهو به مسئلو حل نه ٿي سگهيو. هنن چيو ته چونڊ نتيجا رات جو 4 وڳي تائين به انائوس نه ڪيا ويا، اڪثر عورتن وارين پولنگن جا نتيجا اعلان نه ڪيا ويا ته جيئن ماڻهو بيزار ٿي هليا وڃن ۽ ان کانپوءِ ڌانڌلي ڪري سگهجي، جڏهن ته اليڪشن واري ڏينهن تي هڪ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ ٻه اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر ٺپا هڻي اسان جا ووٽ خراب ڪيا، جن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، ان عمل جو اعتراف اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر پاڻ به ڪيو آهي، پر اڃا تائين پوليس انهن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آهي ويتر ملڪ اسد سڪندر جي چوڻ تي کين ڇڏڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ملڪ اسد سڪندر ۽ ان جي حمايتي فقير داد کوسو ڏنڊا بردار ۽ هٿياربند ساڻ ڪري پولنگ جي عملي کي سڄي رات هيسائيندا رهيا، جنهن جي وڊيو رڪارڊنگ پڻ موجود آهي، انهن هٿياربندن شورو هائوس تي فائرنگ ڪري بادشاهه ميمڻ ۽ ان جي پٽن تي پولنگ ٻاهريان حملو ڪري زخمي ڪيو، ان سڄي عمل جي اڳواڻي ملڪ اسد سڪندر ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان جي پي ايس 82 جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو کي اليڪشن رات هائوس اريسٽ ڪيو ويو ۽ حملي آورن کي کليل ڇوٽ ڏني وئي. هنن چيو ته مٿي ڄاڻايل سموريون شڪايتون کڻي اسان ڊي آر او سان ملياسين، جن ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو ته ٻيهر ڳڻپ لاءِ آر او کي درخواست ڏجي جيڪا اسان بروقت آر او وٽ جمع ڪرائي، ڊي آر او پاران خاطري کانپوءِ اسان عدالت کان ٻاهر نڪري عوام کي مطمئن ڪيو، جنهن بعد عوام پرامن نموني پنهنجي گهرن ڏانهن رواني ٿي. هنن چيو ته اليڪشن کانپوءِ اسان جي حمايتين کي مختلف وقتن تي مختلف هنڌن تي حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن جي اڳواڻي ملڪ اسد سڪندر ۽ ان جا حمايتي ڪري رهيا آهن، پوليس اسان جي حمايتين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جانچ ڪرائي ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو وڃي، جڏهن ته ڌر بڻيل ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڄامشورو اتحاد پاران سڄي ضلعي اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڄامشورو اتحاد پاران ضلعي ڄامشورو ۾ تنظيم سازي ڪري تعلقي ۽ يوسي سطح تي يونٽ جوڙڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟