نجم سيٺي کي هٽائي نئون پي سي بي چيئرمين وسيم اڪرم کي مقرر ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو انتهائي باخبر ذريعين موجب پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن تهنئين چيئرمين جي لاءِ ورلڊ ڪپ جي هيرو وسيم اڪرم نالو فائنل ڪيو ويو خبر موجب اقتدار ۾ اچڻ بعد پي ٽي آءِ پاران راند جي شعبي ۾ صفائي جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سياسي بنيادن تي مقرر ٿيل عهديدارن کي گهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو پي ٽي آءِ پاران سياسيون مقرريون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انتهائي باخبر ذريعين مطابق پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي کي هٽائي سندس جاءِ تي عمران خان جي ويجهي دوست ۽ ليجنڊ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم کي پي سي بي جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته هاڪي فيڊريشن جي سربراهه کي پڻ گهر موڪليو ويندو

اپنا تبصرہ بھیجیں