پريانڪا ۽ نڪ جونز آڪٽوبر مهيني ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا

ممبئي: جمعو 27 جولاءِ 2018ع: ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي حسن جي ملڪا ۽ اداڪارا پريانڪا چوپڙا هلندڙ سال اڪٽوبر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي. ناليواري بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا اڄ ڪلهه ڀارت ۾ پنهنجي آمريڪي دوست راڳي ۽ اداڪار نڪ جونز سان موجود آهي. ٻنهي جي ڀارت ايندي ئي اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ٻنهي وچ ۾ ويجهڙائي ڪجهه وڌي وئي آهي ۽ تمام جلد ٻئي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا. پريانڪا ۽ نڪ به ڪڏهن انهن افواهن جي ترديد نه ڪئي پر ٻئي هٿن ۾ هٿ ڏئي گهمندا نظر آيا جنهن کانپوءِ پريانڪا ۽ نڪ جي شادي جون افواهن کي وڌيڪ هٿي ملي ۽ هاڻ ميڊيا ۾ ٻنهي جي مڱڻي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن. ڀارتي ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونز مڱڻي ڪري ورتي آهي ۽ ٻئي آڪٽوبر ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻ+جي ويندا. خبرن ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته پريانڪا هلندڙ مهيني پنهنجي سالگرهه کان هڪ هفتو اڳ نڪ سان مڱڻي ڪئي هئي ۽ هاڻ ٻئي پنهنجي رشتي کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں