عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم

0Shares

عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟

مظلوم لجپت راءِ مظلوم

ڪرڪيٽ جي بادشاهه عمران خان نيٺ 22 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ اها منزل ماڻي ورتي آهي جيڪو ان جو خواب هو، عمران خان جو خواب پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ هو جنهن لاءِ هن 1996ع کان سياسي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، سياست جي پچ تي فاسٽ بالنگ ڪندي نيٺ هن تخت لاهور کي ڪلين بولڊ ڪري 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، 2018ع جي عام چونڊن ۾ عمران خان جي ڪاميابي کي پاڪستان ۾ وڏي تبديلي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ عمران خان خود تبديلي جون ڳالهيون ڪندو رهيو آهي، سو هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عمران خان اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد اقتدار ۾ اچي نئون پاڪستان ٺاهي سگهندو؟ ڇو ته پاڪستان ۾ 30 سالن کانپوءِ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ڪاميابي هڪ تبديلي آهي، ڇو ته بقول عمران خان جي ته ملڪ ۾ 30 سالن تائين موروثي پارٽيون واري واري سان ڪامياب ٿي اقتدار ۾ رهيون آهن جن پاڪستان لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي، 2018ع جي عام چونڊن جي حوالي سان اهو به سوال ڪر کڻي ٿو ته ڇا چونڊون شفاف ٿيون آهن يا عمران خان کي امپائر آڱر کڻي ڪامياب ڪرايو آهي ۽ ن ليگ کي آئوٽ ڪيو ويو آهي؟ ڇا عمران خان کي ن ليگ حڪومت خلاف ڌرڻن جو سلو ڏٺو ويو آهي؟ ڇو ته اڃا چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري هو ته ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌلين جا الزام هڻي نتيجا رد ڪري ڇڏيا آهن، ڇو ته چونڊ نتيجن ۾ دير جو ڪارڻ اليڪشن ڪميشن طرفان سسٽم ۾ خرابي ۽ لنڪ ڊائون ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آهي، بهرحال اوچتو لنڪ ڊائون ڪئين ٿيو ۽ ڳڻپ کانپوءِ نتيجن وارو فارم 45، پولنگ ايجنٽن کي ڇو نه ڏنو ويو انهن سوالن جا جواب اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻا پوندا، وفاق ۽ پنجاب ۾ 30 سالن کانپوءِ جمهوري انداز سان ووٽ وسيلي تبديلي اچڻ انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي، ڪجهه سياسي پارٽيون ان کي اليڪشن بدران سليڪشن قرار ڏئي رهيون آهن، پر عمران خان اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته ڌانڌلين وارن الزامن جي آجيان ڪريون ٿا، جيڪو به تڪ کولڻ چاهيو جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو، عمران خان شاهاڻا خرچ گهٽائڻ ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي استعمال ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، سو ڏسون ڀلا ان تي ڪيترو عمل ڪري ڏيکاري ٿو، جيڪڏهن ملڪ ۾ گورنرن وارو سسٽم ختم ٿئي ٿو ته اها جمهوريت جي پهرين وڏي ڪاميابي هوندي، عام چونڊن جي حوالي سان اهي به سوال گردش ڪري رهيا آهن ته سنڌ ۾ تبديلي ڇو نه آئي؟ ان جو سادو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ پ پ جو اڃا تائين ڪوبه متبادل جُڙي ئي نه سگهيو آهي، پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست پارٽين وٽ هڪڙو ته پاڻ ۾ اتحاد ناهي ۽ ٻيو اهي پارٽيون عوامي منشور به ڏئي نه سگهيون آهن، باقي سنڌ ۾ تحريڪ انصاف پاران 22 سيٽون حاصل ڪرڻ مستقبل ۾ پ پ لاءِ خطري جي گهنٽي ضرورآهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون آهن يا نه پر ان جو جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگهي ٿي پر ايترو ضرور آهي ته موجوده چونڊون “بلانٽيڊ چونڊون” هجڻ وارو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته ن ليگ قيادت جي اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت ٻولي ن ليگ کي چونڊن ۾ آئوٽ ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي، ن ليگ وارن اڳواٽ ئي خدشا ظاهر ڪيا هئا ته عام چونڊون “خلائي مخلوق” ڪرائيندي، سو چونڊن واري عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪيترو ڪردار هو ۽ ڪيتري مداخلت هئي اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، ڇو ته چونڊن جو ٻيو ڏينهن گذرڻ باوجود يعنيٰ ڪالهه تائين ڪيترن ئي تڪن جا نتيجا روڪيا ويا ۽ ظاهر ئي نه ڪيا ويا، اهو عمل چونڊ نتيجن کي پراسرار بڻائي ٿو، بهرحال عام چونڊن ۾ وڏا وڏا بت ڊهي پيا آهن ۽ تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان مستقبل جو وزيراعظم آهي جنهن جي آڏو کوڙ سارا چئلينج پڻ آهن، هاڻي عمران خان چئلينجن کي ڪيئن ٿو منهن ڏئي يا ائين نه ٿئي خود عمران خان جي حڪومت خلاف به ڌرڻا شروع ٿي وڃن ۽ ان جو اقتدار به ن ليگ وانگر ڌرڻن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي، عمران خان نئون پاڪستان ڪيئن ٺاهيندو اهو ان جي لاءِ تمام وڏو ۽ مشڪل ترين امتحان هوندو؟ ڇو ته 70 سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان کي ڪوبه تبديل ڪري نه سگهيو، دهشتگردي، غربت، توانائي بحران، مهانگائي، لاقانونيت، انصاف جي سست رفتاري جهڙا مسئلا عمران خان لاءِ وڏو چئلينج آهن، عمران خان پنهنجي خطاب ۾ ڳالهيون ته ڀليون ڪيون آهن پر انهن کي عملي جامو پارائڻ توڙي نئين پاڪستان لاءِ سخت محنت جي ضرورت آهي، هن وقت پاڪ- آمريڪا لاڳاپا به انتهائي ڇڪتاڻ وارا آهن، سرحدن تي به صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي، ان حوالي سان عمران خان وٽ ڪهڙي پاليسي هوندي، عمران خان جي اها ڳالهه درست آهي ته “احتساب مون کان شروع ٿيندو” پر ائين نه ٿئي جو احتساب جي پنجوڙ ۾ اچي عمران خان نوازشريف وانگر سڀ ڪجهه وڃائي نه ويهي، ڇو ته ماضي ۾ احتساب جو دارو هميشه استعمال ٿيندو آيو آهي خودمختيار ادارا ان کي چئبو آهي جيڪي برابري جي بنياد تي احتساب ڪن، سو ان لاءِ عمران خان لاءِ ادارن ۾ شفافيت ۽ خودمختياري لاءِ پاليسي جوڙڻ به ڏکيو امتحان هوندو، وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو آهي، تخت لاهور کي لوڏڻ ڪو سولو نه هو پر وفاق ۽ ٻين صوبن ۾ حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف کي ڪنهن نه ڪنهن سان گڏجڻو ضرور پوندو، عمران خان پاڻ چئي چڪو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ سان اتحاد نه ڪندو، هاڻي ڏسون ڀلا عمران خان ڪنهن سان گڏجي حڪومت ٿو ٺاهي ۽ پاڪستان کي نئين دڳ تي آڻڻ لاءِ ڪهڙيون ٿو پاليسيون جوڙي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں