اسلام آباد(بيوررو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته موجوده الڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن جي ۽ پيپلز پارٽي بڻائي هئي، هاڻ انهن ئي پارٽين کي اليڪشن ڪميشن تي اعتراض آهن جڏهن ته نگران حڪومت به سمورين سياسي پارٽين ڳالهين سان بڻائي هئي. بني گالا ۾ پنهنجي گهر ۾ قوم سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڌانڌلي جي شڪايت ڪندڙ پارٽيون جنهن تڪ جو چونديون اُهي ئي تڪ کوليا ويندا. هن چيو ته الله موقعو ڏنو آهي ته پنهنجو خواب پورو ڪري سگهان. پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي پر هاڻ ٻئي مرحلي ۾ پنهنجي منشور تي عملدرآمد ڪندس. هن چيو ته مون پاڻ هن ملڪ کي ترقي ڪندي ۽ هيٺ ايندي ڏٺو، ان ڪري آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان اهڙو ملڪ بڻي جهڙو قائد اعظم محمد علي جناح سوچيو هو. عمران خان چيو ته ماڻهو جمهوريت جي لاءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪتا آهن آئون کين ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. تحريڪ انصاف جي سربراهه چونڊ مهم دوران دهشتگرد حملن ۾ مارجي ويل چونڊن جي اميدوارن کي به ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جمهوريت کي مضبوط ڪيو، پر آئون ڪامياب اليڪشن تي سيڪيورٽي فورسز کي به داد ڏيڻ چاهيان ٿو. عمران خان جو چوڻ هو ته آئون خلفاءِ راشدين جي وقت جهڙو حڪومتي نظام چاهيان ٿو. عمران خان چيو ته آئون بلوچستان جي عوام کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، دهشتگردي جي واقعن باوجود چونڊ عمل مڪمل ٿيو، ان تي آئون سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي به ڀيٽا پيش ڪيان ٿو. عمران خان چيو ته آئون ان موقعي تي چاهيان ٿو ته سمورا پاڪستان گڏ ٿين ۽ آئون پنهجي خلاف سموري مخالفت کي وساري چڪو آهيان. هن چيو ته هاڻ ملڪ ۾ اهڙي حڪومت ايندي جنهن ۾ ڪنهن کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو ويندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ادارن کي مضبوط ڪندي، ۽ سمورن ماڻهن جي لاءِ قانون کي برابر ڪيو ويندو. هن اهو به چيو ته رڳو مخالف ڌر پارٽين جي ميمبرن جو احتساب نه ٿيندو، پر تحريڪ انصاف پنهنجي ماڻهن جو به احتساب ڪري مثال قائم ڪندي. عمران خان چيو ته ملڪ جو نظام بهتر ڪري پرڏيهين پاڪستان کي دعوت ڏني ويندي ته هو ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڇو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي ڪري اهي ماڻهو متحده عرب امارات يا ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪندا آهن. هن چيو ته هڪ ملڪ جي سڃاڻپ اِها ناهي هوندي ته اُتي امير ڪيئن ٿا رهن پر ملڪ جي سڃاڻپ ائين ٿيندي آهي ته اُتي غريب ڪيئن رهندا آهن. عمران خان چيو ته مديني جي رياست پهرين فلاحي رياست هئي، جتي حضور صلي الله عليه واله وسلم اصول قائم ڪيا، اسان جي ڪوشش هوندي ته پاڪستنا کي به انهن اصول تي آڻيون. تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته مون کي شرم ايندو ته عواب غربت ۾ ۽ آئون وزير اعظم هائوس ۾ رهان. هن چيو ته ان گهر کي واپاري مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويندو جنهن جي مدد سان پيسا بڻايا ويندا ۽ مقام عوام تي خرچ ڪيا ويندا. هن چيو ته ننڍي واپار ۾ مدد ڪئي ويندي ۽ نوجوانن کي هنر سيکاريو ويندو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان پنهنجي حڪومت ۾ چين سان پنهنجي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. هن چيو ته چين پاڪستان ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي ذريعي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، هن ملڪ مان رڳو ان شعبي ۾ نه پر غربت ۽ ڪرپشڻ جي خاتمي جو طريقو سکيو ويندو. افغانستان جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ ۾ امن جو خواهمشند آهي ۽ ملڪ ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ اهڙا لاڳاپا قائم ٿين جو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحد يورپي ملڪن جيان کليل سرحد بڻجي وڃي. ان کان سواءِ هن آمريڪا سان بهتر لاڳاپا بڻائڻ جي به خواهش جو اظهار ڪيو. ڀارت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هندوستاني ميڊيا مون تي ائين تنقيد ڪئي ڄڻ آئون ڪو بالي ووڊ جي فلم جو ولن آهيان. هن چيو ته آئون اُهو پاڪستاني آهيان جنهن ڪرڪيٽ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ هندوستان جا دورا ڪيا. عمران خان چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ لاڳاپا بهتر ٿيڻ گهرجن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي به هٿي ملڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي عمران خان زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جا بهتر لاڳاپا ٻنهي ملڪن سميت خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهن. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي عمران خان چيو ته پاڪستان جو عوام ملڪ ۾ هڪ مختلف قسم جي حڪومت ڏسندو. هن چيو ته آئون ملڪ جي سمورن طبقن سان گڏ آهيان. اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي بڻائي هئي ۽ هاڻ انهن ئي پارٽين کي اليڪشن تي اعتراض آهن. هن چيو ته پارٽيون جنهن تڪ جو چونديون اُهي تڪ کولينداسين. عمران خان چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ رهڻ شرم جهڙي ڳالهه هوندي، منسٽر انڪليو ۾ رهندس، وزيراعظم هائوس شاهاڻو محل آهي، گورنر هائوسز کي عوام جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، احتساب سڀ کان پهرين منهنجو ٿيندو، اينٽي ڪرپشن کي مضبوط ڪنداسين، عمران خان چيو ته ٽيڪس جو پئسو بچائي عوام لاءِ خرچ ڪيو ويندو، اسان حڪومتي خرچ گهٽ ڪنداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟