ڪراچي (چيف رپورٽر) ڪراچي(چيف رپورٽر) پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد چونڊ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي آهي، غيرحتمي ۽ غيرسرڪارينتيجن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف کي قومي اسمبلي جي 120 جڏهن مسلم ليگ ن کي 62 سيٽن تي برتري حاصل آهي.غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي کي قومي اسمبلي جي 40، متحدا مجلس عمل کي 13، اڪيو ايم پاڪستان 6 ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي 21 سيٽن تي برتري حاصل آهي. اهڙي طرح بي اين پي مينگل 4، مسلم ليگ(ق) 4، عوامي مسلم ليگ ۽ اين اين پي کي هڪ هڪ سيٽ تي برتري حاصل آهي، قومي اسمبلي جي 14 سيٽن تي آزاد اميدوارن کي برتري حاصل آهي. پنجاب اسمبلي جي 46 سيڪڙو سيٽن جي غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب مسلم ليگ ن 129، تحريڪ انصاف کي 122 ۽ آزاد اميدوارن کي 31 سيٽن تي برتري حاصل آهي. سنڌ اسمبلي جي 35 سيڪڙو غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي 75، تحريڪ انصاف کي 21 ۽ متحدا قومي موومنٽ پاڪستان کي 17 سيٽن تي برتري حاصل آهي. جي ڊي اي کي 13 سيٽن جي برتري حاصل آهي. ٻئي طرف پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ دلچسپ مقابلو آهي، جتي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٻنهي پارٽين کي 122-122 سيٽون حاصل آهن. پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي طور سيٽن جو انگ 371 آهي، جن مان 66 سيٽون عورتن ۽ 8 اقليتن لاءِ مخصوص آهن ۽ ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 149 سيٽن گهربل آهن. هيل تائين وصول ٿيندڙ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ 5، ق ليگ 3، جيپ 2، پاڪستان مسلم ليگ 2 ۽ پاڪستان عوامي راج پارٽي هڪ سيٽ تي سرسي حاصل آهي. غير سرڪاري نتيجن موجب پنجاب ۾ 27 آزاد اميدوارن کي به سرسي حاصل آهي. ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوار اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي سنڌ اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ کي 75 سيٽن تي سرسي حاصل آهي، جنهن کانپوءِ اها صوبي جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي ۽ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ مجموعي طور سيٽن جو انگ 168 آهي، جنهن ۾ 29 سيٽون عورتن، جڏهن ته 9 سيٽون اقليتن لاءِ مخصوص آهن. ڪنهن به پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 68 سيٽون گهربل آهن ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ 75 سيٽن سان مضبوط پوزيشن ۾ آهي ۽ لاڳيتو ٽيون ڀيرو ايندڙ 5 سالن لاءِ صوبي ۾ حڪومت ٺاهيندي. ٻين پارٽين ۾ تحريڪ انصاف 18، ايم ڪيو ايم پاڪستان 12، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 13، ن ليگ ۽ متحدا مجلس عمل هڪ – هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟