عام چونڊن ۾ بلاول ڀٽو، چوڌري نثار، مولانا فضل رحمان سميت ڪيترائي وڏا بت ڊهي پيا

اسلام آباد(بيورو ) عام چونڊن ۾ بلاول ڀٽو، چوڌري نثار، مولانا فضل رحمان سميت ڪيترائي وڏا بت ڊهي پيا . بلاول ڀٽو زرداري کي پيپلز پارٽي جي ڳڙهه لياري ۾ شڪست. تفصيل موجب عام چونڊن ۾ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين مليل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اهم تڪن ۾ سياسي پارٽين جي وچ ۾ ننهن چوٽي جو مقابلو آهي.  هن وقت تائين جي اطلاعن موجب قومي اسيمبلي جي 270 سيٽن تي ٿيل چونڊن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف 119 سيٽن، پاڪستان مسلم ليگ ن 64، پيپلز پارٽي 44، آزاد اميدوار 22، ايم ايم اي 12، جي ڊي اي 5، بي اين پي 4، ايم ڪيو ايم 8، ق ليگ 3، اي اين پي 3 سيٽن تي برتري حاصل ڪئي آهي. اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان کي قومي اسيمبلي جي 2 ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوارن هارائي ڇڏيو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق چوڌري نثار روالپنڊي جي تڪ اين اي 63 تان به هارائي ويو کيس تحريڪ انصاف جي اميدوار غلام سرور خان هارائي ڇڏيو غلام سرور خان 100986 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته چوڌري نثار 55767 ووٽ حاصل ڪيا. اين اي 59 راولپنڊي تان چوڌري نثار کي تحريڪ انصاف جي اميدوار غلام سرور خان هارائي ڇڏيو چوڌري نثار 66369 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو جڏهن ته غلام سرور خان 89055 ووٽ کنيا پنجاب جي تڪ پ پ 12 راولپنڊي مان پي ٽي آءِ جي واثق قيوم عباسي اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار کي هارائي ڇڏيو. اين اي 57 ۾ تحريڪ انصاف جي صداقت علي عباسي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي هارائي ڇڏيو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق اين اي 57 مري ۾ اڳوني وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي پنهنجي اباڻي تڪ ۾ شڪست ملي تحريڪ انصاف جي صداقت علي عباسي 136249 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سندس مخالف شاهد خاقان عباسي 124705 ووٽ کنيا. واضح رهي ته اين اي 53 ۾ عمران خان اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وڏي مارجن سان هارائي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ليگي اميدوارن کان شڪست جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ٿي ويئي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سردار اياز صادق به پي ٽي آءِ جي اميودارن کي شڪست ڏيڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي تفصيل مابق لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 125 نئين تڪبندين کان اڳ اين اي 120 هو جتي 11 مئي 2013 جي عام چوندن ۾ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 52321 ووٽن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد نوازشريف 91666 کان وڌيڪ ووٽ کڻي شڪست ڏني هئي نوازشريف جي نااهلي کان پوءِ تڪ اين اي 120 ۾ 11 سيپٽمبر 2017 تي ٻيهر ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ نوازشريف جي زال ڪلثوم نواز ڪل 61745 ووٽ کڻي پهرين جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر ياسمين راشد 47099 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي هئي 25 جولاءِ 2018 جي عام چوندن ۾ به تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راسد کي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار وحيد عالم خان هارائي ڇڏيو اهڙي طرح ڊاڪٽر ياسمين راسد کي ليگي اميدوارن کان شڪست جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ٿي ويئي لاهور ۾ قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 129 نئين تڪبندين کان اڳ اين اي 122 هو جتي 11 مئي 2013 جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) جو سردار اياز صادق 93 هزار 389 ووٽ کڻي ڪايماب ٿيو هو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ عمران خان 84 هزار 517 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو هو جڏهن ته 22 آگسٽ تي سردار اياز صادق جي خلاف اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو اچڻک ان پوءِ هي سيٽ خالي ٿي ويئي جنهن تي 11 آڪٽوبر تي ٻيهر ضمني چونڊ ٿي ۽ ضمني چوند ۾ به سردار اياز صادق 75 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سندس حريف عليم خان کي 72 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به عليم خان جي 94 هزار 879 ووٽن جي مقابلي ۾ سردار اياز صادق هڪ لک 3 هزار 21 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو اهڙي طرح سردار اياز صادق به تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي شڪست ڏيڻ جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري ورتي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي ليگي اميدوارن کان شڪست جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ٿي ويئي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سردار اياز صادق به پي ٽي آءِ جي اميودارن کي شڪست ڏيڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪري ورتي تفصيل مابق لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 125 نئين تڪبندين کان اڳ اين اي 120 هو جتي 11 مئي 2013 جي عام چوندن ۾ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 52321 ووٽن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد نوازشريف 91666 کان وڌيڪ ووٽ کڻي شڪست ڏني هئي نوازشريف جي نااهلي کان پوءِ تڪ اين اي 120 ۾ 11 سيپٽمبر 2017 تي ٻيهر ضمني چونڊ ٿي جنهن ۾ نوازشريف جي زال ڪلثوم نواز ڪل 61745 ووٽ کڻي پهرين جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر ياسمين راشد 47099 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي هئي 25 جولاءِ 2018 جي عام چوندن ۾ به تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راسد کي مسلم ليگ (ن) جي اميدوار وحيد عالم خان هارائي ڇڏيو اهڙي طرح ڊاڪٽر ياسمين راسد کي ليگي اميدوارن کان شڪست جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ٿي ويئي لاهور ۾ قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 129 نئين تڪبندين کان اڳ اين اي 122 هو جتي 11 مئي 2013 جي اليڪشن ۾ مسلم ليگ (ن) جو سردار اياز صادق 93 هزار 389 ووٽ کڻي ڪايماب ٿيو هو جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ عمران خان 84 هزار 517 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو هو جڏهن ته 22 آگسٽ تي سردار اياز صادق جي خلاف اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو اچڻک ان پوءِ هي سيٽ خالي ٿي ويئي جنهن تي 11 آڪٽوبر تي ٻيهر ضمني چونڊ ٿي ۽ ضمني چوند ۾ به سردار اياز صادق 75 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته سندس حريف عليم خان کي 72 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ به عليم خان جي 94 هزار 879 ووٽن جي مقابلي ۾ سردار اياز صادق هڪ لک 3 هزار 21 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو اهڙي طرح سردار اياز صادق به تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي شڪست ڏيڻ جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري ورتي.

اپنا تبصرہ بھیجیں