سياسي پارٽين جا الزام رد، آر ٽي ايس نظام نتيجن ۾ دير جو سبب بڻيو، ڌانڌلي ناهي ٿي: اليڪشن ڪميشن

0Shares

اسلام آباد (بيورو چيف) اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڄاڻي ٻجهي دير ڪرڻ بابت سياسي پارٽين جي الزامن ۽ خدشن کي رد ڪريڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪميشن ڪمشنر سردار رضا خان عدليه ۽ استادن سميت چونڊ عمل جو حصو بڻجندڙ ماڻهن جو شڪريو ادا ڪندي چيو آهي ته آر ٽي ايس سبب نتائج جي اعلان ۾ دير ٿي هئي. پنهنجي خطاب دوران پهريان انهن غير حتمي نتيجن جو به اعلان ڪيو ۽ هارون بلور ۽ سراج رئيساڻي جي دهشتگردي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن تي افسوس جو اظهار ڪيو. اليڪشن 2018 جي پهرين غير حتمي نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن جي مطابق راولپنڊي مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي پي پي 116 کان چوڌري محمد عدنان 43 هزار 79 ووٽ حاصل ڪيو ٻئي نمبر تي رانا ارشد محمود 24 هزار 52 ووٽ کنيو جن جو تعلق پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان آهي. هن چيو ته چونڊ نتيجي ۾ ٻن ڪلاڪن جي دير ڪائي داغ ناهي لڳو بلڪه چونڊ 100 سيڪڙو شفاف آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر فارم 45 نه ملڻ جي شڪايت ملي ته ان حوالي سان ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعوب چيو آهي ته 10 سيڪڙو کان گهٽ ٽرن آئوٽ وارن جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏيئي سگهجي ٿو ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر يعقوب چيو ته ساهيوال ۽ مردان سميت ڪجهه علائقن مان عورتن کي ووٽ وجهڻ کان روڪڻ جون شڪايتون مليون آهن اليڪشن ڪميشن انهن شڪايتن جو جائزو وٺندو ۽ جن تڪن ۾ 10 سيڪڙو کان عورتن جو ووٽ ڪاسٽ ٿيو انهن تڪن جون ڪالعدم قرار ڏيئي سگهجن ٿيون بابر يعقوب چيو ته پولنگ جي ڏينهن کان 14 ڏينهن اندر ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ڪامياب اميدوارن کي 10 ڏينهن اندر چونڊ خرچن جو تفصيل جمع ڪرائڻو پوندو ۽ خرچن جو تفصيل جمع ڪرائيندڙن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيسن جاري ٿيندو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مطابق 2013 جي مقابلي ۾ بلوچستان ۾ فرق آيو آهي گذريل چونڊن ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل هر اميدوار تي حملو ٿيو جڏهن ته هن ڀيري ايئن نه آهي. هوڏانهن  اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجن ۾ دير جو سبب بڻجندڙ آر ٽي ايس سسٽم ۽ موبائل ايپ ٺاهيندڙن خلاف جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن مطابق چونڊن جا نتيجا وقت تي نه ڏيڻ هڪ وڏي رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم جو فيل ٿيڻ آهي، پرزائيڊنگ آفيسرن کي نتيجا آر ٽي ايس موبائل ايپ ذريعي جمع ڪرائڻا هئا پر ڄاڻايل ايپ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي، اليڪشن ڪميشن اها ايپ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان تيار ڪئي هئي، جنهن جو سربراهه اڳوڻو پنجاب وارو وڏو وزير شهباز شريف جو سهڪاري ڊاڪٽر عمر سيف آهي.ذريعن موجب اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آر ٽي ايس سسٽم کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عمر سيف ۽ ان جي ٽيم جي نااهلي يا سازش شامل آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں