عام چونڊون: تحريڪ انصاف ميدان ماري وئي، سنڌ ۾ پ پ ۽ پنجاب ۾ ن ليگ کي سرسي

0Shares

اسلام آباد/لاهور/ڪراچي/پشاور/ڪوئيٽا (بيورو+مانيٽرنگ ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي پهرئين، ن ليگ ٻئي ۽ پ پ ٽئين نمبر تي سنڌ ۾ پ پ پهرين، پنجاب ۾ ن ليگ پهرين ۽ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ کي سرسي حاصل سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ ٿي گذري قومي اسيمبلي جي 272 مان 270 ۽  صوبائي اسيمبلي جي 578 مان 570  سيٽن تي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي گذري سڄي ملڪ ۾ پولنگ صبح جو اٺين وڳي کان شروع ٿي شام جو ڇهين وڳي تائين جاري رهي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳڻپ جو عمل شروع ٿيو قومي اسيمبلي جي 570 سيٽن تي ووٽن جي ڳڻپ ۾ غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف جي سرسي رهي ڳڻپ ۾ قومي اسيمبلي  جي106 سيٽن تي سرسي سان پهرين نمبر تي رهي، ن ليگ 70 سيٽن سان ٻئي نمبر ۽ پ پ 39 سيٽن سان ٽئين نمبر تي رهي آزاد اميدوار 23 کي سرسي حاصل رهي، ايم ايم اي  9، جي ڊي اي 6، پي اين پي 3، ڪي اين پي 1، ايم ڪيو ايم 5، ق ليگ 4 ۽ جيپ کي 1 سيٽ تي سرسي حاصل رهي. پنجاب ۾ ن ليگ 137 پي ٽي آءِ 116 پ پ 29 آزاد  10  ق ليگ 1، جيپ 2، سنڌ ۾ پ پ پهرين نمبر سان 73،  جي ڊي اي 10،  پي ٽي آءِ 21،  ن ليگ 2،   ايم ڪيو ايم 16،  پشاور ۾ اين اي 31 تي اين اي پي جو غلام احمد بلور هارائي ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي شوڪت علي، 72 هزار کان مٿي ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي اين اي 193 تي پي ٽي آءِ جو جعفر لغاري ڪامياب ۽ آزاد اميدوار شير علي گورچاڻي هارائي ويو ملتان ۾ اين اي 154 تي يوسف رضا گيلاني کي سرسي حاصل رهي اين اي 218 تي آزاد علي نواز شاهه کي سرسي حاصل رهي جڏهن ته حسن شاهه جو ٻيو نمبر رهيو پي ايس 78 تي آزاد اميدوار علي نواز شاهه پهرين ۽ ذوالفقار شاهه جو ٻيو نمبر رهيو اين اي 228 تي پ پ جو نويد قمر پهرين ۽ علي نواز ٽالپر ٻئي نمبر تي رهيو پي ايس 82 تي ملڪ اسد سڪندر کي سرسي حاصل رهي جڏهن ته ڊاڪٽر سڪندر شورو ٻئي نمبر تي رهيو اين اي 230 تي فهميده مرزا کي سرسي ۽ پ پ جو رسول بخش چانڊيو ٻيو نمبر رهيو پي ايس 73 تي پ پ جو اسماعيل راهو پهرين ۽ ذوالفقار مرزا ٻئي  نمبر تي رهيو. ميانوالي  ۽ اسلام آباد ۾ عمران خان کي ڪامياب حاصل رهي اسلام آباد ن ليگ اميدوار شاهد قاخان عمران خان کان ٻئي نمبر تي رهيو پي ايس 63 تي شرجيل ميمڻ پهرين ۽ علي قاضي ٻئي نمبر تي رهيو اين اي 200 لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي سرسي رهي جڏهن ته راشد محمود سومرو ٻئي نمبر تي رهيو پي ايس 56 تي فقير شير محمد بلالاڻي کي سرسي  ۽ ارباب خانصاب نوڳاچي ٻئي نمبر تي رهيو پي ايس 10 تي فريال ٽالپر کي سرسي ۽ امير بخش ڀٽو جو ٻيو نمبر رهيو. اين اي 210 تي لياقت جتوئي کي سرسي حاصل رهي ۽ پ پ جو عرفان ظفر لغاري ٻئي نمبر تي رهيو سکر ۾ خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ فرخ شاهه جي پوزيشن مضبوط رهي گهوٽڪي ۾علي گوهر مهر کي سرسي ۽ احسان سندراڻي جو ٻيو نمبر رهيو سکر ۾ ناصر شاهه کي سرسي حاصل رهي عمرڪوٽ جي صوبائي تڪن پي ايس 52 تي علي مردان شاهه  کي سرسي ۽ ارباب رحيم جو ٻيو نمبر  رهيو پي ايس 51 تي سردار شاهه کي سرسي ۽ جادم مڱريو جي پوزيشن ڪمزور رهي. پي ايس 53 تي نواب تيمور ٽالپر کي سرسي ۽ دوست محمد ميمڻ جو ٻيو نمبر رهيو اين اي 220 تي نواب يوسف ٽالپر کي سرسي ۽ شاهه محمود قريشي ٻيو نمبر رهيو سنڌ ۾ جلال محمود شاهه، قادر مگسي ۽ اياز لطيف پلجي جي پوزيشن ڪمزور رهي نوشهروفيروز ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ عبدالستار راڄپر کي سرسي حاصل رهي نوابشاهه ۾ آصف زرداري کي سرسي حاصل رهي نواب وساڻ جاويد علي شاهه جيلاني کي سرسي حاصل رهي صدرالدين شاهه جي پوزيشن ڪمزور رهي هالا ۾ مخدوم جميل الزمان کي سرسي حاصل رهي جيڪب آباد ۾ ميان محمد سومرو کي سرسي رهي اعجاز جکراڻي ٻيو نمبر رهيو آغا سراج دراني ندا کهڙو کي سرسي حاصل رهي ڪراچي ۾ اين اي 245 تي فاروق ستار هارائي ويو عارف علوي کي سرسي حاصل رهي ٿرپارڪر ۾ مهيش ملاڻي کي سرسي حاصل رهي پي ايس 57 ڏيپلو تي ارباب رحيم ۽ سندس ڀائيٽي ارباب لطف الله جي پوزيشن واضح نه ٿي سگهي اين اي 219 تي مير منور ٽالپر کي سرسي حاصل رهي ڄام مدد علي کي به سرسي حاصل رهي. سانگهڙ ۾ شازيه مري کي سرسي حاصل رهي، ڪشنچند پاوراڻي جو ٻيو نمبر رهيو، عام چونڊن جا نتيجا رات دير تائين جاري رهيا. ٺٽي ضلعي ۾ عام چونڊن جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي کي ھڪ قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي سرسي حاصل خبرموجب ٺٽي ضلعي جي قومي تڪ اين اي 232 تي پ پ اميدوار شمس النسا ميمڻ کي سرسي حاصل جڏھن تہ سندس سامھون مخالف اميدوارن  پي ٽي آئي جي ارسلان بروھي، آزاد اميدوار رابيعا جوکيو، حبيب الرحمان جانوري ووٽن ۾ اڪثريت ماڻي نہ سگھيا،. جڏھن تہ صوبائي تڪ پي ايس 77 تي پ پ اميدوار سيد رياض حسين شاھ شيرازي پڻ سندس مخالف اميدوارن پي ٽي آئي جي ارسلان بروھي، جي ڊي اميدوار شاھنواز بروھي. سميت آزاد اميدوارن کي ووٽن ۾ پوئتي ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏھن تہ پي ايس 78 گھوڙاٻاري تي پ پ جي مرڪزي اڳواڻ حاجي علي حسن زرداري ۽ صوبائي تڪ 79 ميرپورساڪرو تي ڄام اويس گھرام کي ووٽن ۾ اڪثريت حاصل اھڙي ريت ضلعي ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي کي سمورن تڪ تي غير سرڪاري ۽ غير رسمي نتيجن موجب سرسي حاصل آھي حيدرآباد ۾ هڪ قومي ۽ 2 صوبائي سيٽن تي پ پ ۽ 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽن تي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي سرسي حاصل، غير حتمي نتيجن مطابق رات دير سان 40 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي ظاهر ٿيل نتيجن موجب اين اي 225  قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي قومي تڪ تي پ پ اميدوار سيد طارق شاهه 62 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي اڳيان  هو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آءِ جو اميدوار خاوند بخش جهيجو 11 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ٻيو نمبر رهيو، پي ايس 62 تي پ پ اميدوار ڄام خان شورو غير حتمي نتيجن مطابق پهرين نمبر تي ۽ جي ڊي اي جي اميدوار اياز لطيف ٻيو نمبر اچي رهيو، جڏهن ته پي ايس 63 تي پڻ پ پ اميدوار شرجيل انعام ميمڻ پهرين نمبر جي پوزيشن ۾ آهي ۽ سندس مخالف اميدوار ٽي پي پي سربراهه علي قاضي ٻيو نمبر تي هو، اهڙي طرح اين اي 226 لطيف آباد جي قومي تڪ تي غير حتمي نتيجن مطابق ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار صابر حسين قائمخاني کي سرسي حاصل رهي، جڏهن ته پ پ اميدوار علي محمد سهتو ٻيو نمبر، پي ٽي آءِ جو اميدوار جمشيد علي ٽيون نمبر، پي ايس پي جو نواب راشد علي خان چوٿين نمبر ۽ ايم ايم اي جو حافظ طاهر مجيد پنجين نمبر تي هو، پي ايس 64 تي پڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو يونس گدي کي سرسي حاصل هئي، سندس مقابلي ۾ بيٺل پ پ اميدوار جبار خان ٻيو نمبر تي هو، پي ايس 65 تي پڻ ايم ڪيو ايم اميدوار نديم صديقي کي پهرين نمبر واري سرسي حاصل هئي، جڏهن ته پ پ اميدوار صنم ٽالپر، پي ايس پي اميدوار اعجاز شيخ، پي ٽي آءِ اميدوار مستنصر بالله مقابلي جي ڊوڙ ۾ پٺيان هئا، اهڙي ريت اين اي 227 حيدرآباد سٽي جي قومي تڪ تي پڻ غير حتمي نتيجن مطابق ايم ڪيو ايم جي اميدوار صلاح الدين کي سرسي حاصل هئي، سندس مقابلي ۾ بيٺل جي يو پي سربراهه صاحبزاده ابو الخير زبير ٻيو نمبر، پي ٽي آءِ جو ڪيو محمد حاڪم ٽيون نمبر، پي ايس پي جو چوٿين نمبر ۽ ايم ايم اي جو ڪرامت علي پنجين نمبر جي پوزيشن ۾ هئا، پي ايس 66 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار راشد خلجي کي سرسي حاصل هئي، جڏهن ته پ پ اميدوار عاجز ڌامراهه سميت ٻين پارٽين جا اميدوار پٺيان هئا، اهڙي ريت پي ايس 67 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار ناصر حسين کي سرسي ملي رهي هئي، جڏهن ته پ پ اميدوار صغير قريشي ٻيو نمبر تي اچي رهيو هو. حيدرآباد جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ متحدا مجلس عمل سميت مختلف پارٽين جي ايجنٽن کي پولنگ جا نتيجا نه ملڻ ۽ ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ جي شڪايت ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں