ڪوئيٽا ۾ پولنگ اسٽيشن ڀرسان بم ڌماڪو، 3اهلڪارن سميت 31 ڄڻا شهيد، 28 زخمي

 ڪوئيٽا (بيورو) ڪوئيٽا ڀرسان پولنگ اسٽيشن ٻاهريان بيٺل پوليس موبائل وٽ ڌماڪو، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا ۽ 28 زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس وٽ پولنگ اسٽيشن ٻاهريان بيٺل پوليس موبائل وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 28 زخمي ٿي پيا. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا عبدالرزاق چيما ٻڌايو آهي ته پوليس علائقي ۾ معمول مطابق گشت ڪري رهي هئي ته ان دوران موبائل وٽ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 31 ڄڻا مارجي ويا آهن.  اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي. ڌماڪي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ به واقعي واري هنڌ پهچي ويو. واقعي کانپوءِ ڄاڻايل پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ وارو عمل روڪيو ويو. پوليس مطابق ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڌماڪو آپگهاتي لڳي ٿو. ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 3 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ٻارڙو پڻ شامل آهي. ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻئي طرف نگران وزيراعظم ناصر الملڪ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جو مقصد چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ آهي ناصر الملڪ بلوچستان جي وڏي وزير سان فون تي رابطو پڻ ڪيو، آرمي چيف صدر ممنون حسين شهباز شريف عمران خان بلوال ڀٽو زرداري آصف زرداري سنڌ جي نگران وڏي وزر فضل الرحمان بلوچستان جي نگران وڏي وزر ملڪ علاوالدين ۽ ٻين پاران ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي.5

اپنا تبصرہ بھیجیں