پاڪ- ايران سرحد ڀرسان پولنگ کان اڳ حملو، 3 اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد، 10 زخمي

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ- ايران سرحد وٽ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي تي مقرر سيڪيورٽي فورسز تي حملو 4 ڄڻا شهيد 10 زخمي پاڪ ايران سرحد ڀرسان اين اي 271 ٻليدا تي دهشتگردن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب حملو چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو ٿيو حملي سبب 3 اهلڪارن سميت 4 ڄڻا شهيد ۽ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا، شهيد ٿيلن ۾ جهانزيب، اڪمل، عمران ۽ استاد صفي الله شامل آهن آءِ ايس پي آر موجب حملي باوجود اين اي 271 ٻليدا تي چونڊ عمل جاري رهيو شهيدن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حولي ڪيا ويا.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں