پولنگ جو وقت وڌائڻ بابت ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جو مطالبو اليڪشن ڪميشن رد ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ وقت وڌائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ن ليگ جي ميڊيا ڪميٽي جي چيئرمين مشاهد حسين سيد طرفان موڪليل خط جو جواب ڏيندي ن ليگ جو پولنگ لاءِ وقت وڌائڻ وارو مطالبو رد ڪيو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي تهپولنگ اسٽيشن جي اندر موجود ووٽرز کي ڇهه وڳي کانپوءِ ووٽ وجهڻ جي اجازت هوندي. مسلم ليگ ن پي ٽي آءِ ۽ پ پ  اليڪشن ڪميشن کان پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر مشاهد حسين سيد چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان کي خط لکيو  جنهن  ۾ اليڪشن دوران پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مشاهد حسين سيد جو چوڻ آهي ته پولنگ ا سٽيشنز تي ڊگھيون قطارون لڳل آهن جنهن سبب پولنگ جو عمل سست رفتاري جو شڪار آهي انڪري پولنگ جي وقت ۾هڪ ڪلاڪ جو اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به ووٽر کي ووٽ جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017 جو سيڪشن 70 پولنگ جي وقت ۾ اضافو جو اختيار ڏئي ٿو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو  چوڻ آهي ته پولنگ جو وقت وڌائڻ بابت ن ليگ جي درخواست ناهي ملي جڏهن ته درخواست ملڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويندو. 5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں