اسان پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙ دشمن قوتن جي نشاني تي آهيون: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس گهرواري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ سندس گهرواري روالپنڊي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان پاڪستان جي خلاف ڪم ڪندڙ دشمن قوتن جي نشاني تي آهيون، پر اسان دشمن قوتن کي شڪست ڏيڻ لاءِ متحد ۽ مضبوط بيٺا آهيون، اڄ اسان دشمن قوتن کي ووٽ ذريعي شڪست ڏينداسين. پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته گهرن کان ٻاهر نڪرو ۽ بنا ڪنهن خوف جي ووٽ ڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں