ڪراچي ۾ پولنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اين اي 243 جون 8 پولنگون تبديل

0Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عام چونڊن لاءِ وقت شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ڪراچي جي تڪ اين اي 243 ۾ 18 هزار کان وڌيڪ ووٽرن جا 8 پولنگ اسٽيشن تبديل ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشن گلستان جوهر ۾ ايف بي آر جي عمارت ۾ قائم ڪيا ويا هئا، جن کي هاڻي هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ان پولنگ اسٽيشنن ۾ مجموعي طور تي 18 هزار 992 ووٽر رجسٽرڊ آهن. واضح رهي ته اين اي 243 تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، ايم ڪيو ايم جو علي رضا عابدي، پ پ پ جي شهلا رضا ۽ متحده مجلس عمل جو اساما رضي اهم اميدوار آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں